روس ۽ چين 200 ارب ڊالرن جي ماليت جي 80 گڏيل منصوبن جي تياري ڪري رھيا آھن: روس جي صدر جو خاص نمائندو

ماسڪو - 24 نومبر(اي پي پي) روس جي صدر جي خاص نمائندي چيو آهي ته روس ۽ چين 200 ارب ڊالرن جي ماليت جي 80 کان وڌيڪ گڏيل سيڙپڪاري جا منصوبا شروع ڪرڻ جي تياري ڪري رھيا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق روس-چين جي دوستي امن ۽ ترقي جي ڪميٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ روس جي صدر جي پائيدار ترقي جي ھدفن بابت خاص نمائندي بورس تيٽوف چيو آهي ته ھلندڙ …

ماسڪو – 24 نومبر(اي پي پي) روس جي صدر جي خاص نمائندي چيو آهي ته روس ۽ چين 200 ارب ڊالرن جي ماليت جي 80 کان وڌيڪ گڏيل سيڙپڪاري جا منصوبا شروع ڪرڻ جي تياري ڪري رھيا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق روس-چين جي دوستي امن ۽ ترقي جي ڪميٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ روس جي صدر جي پائيدار ترقي جي ھدفن بابت خاص نمائندي بورس تيٽوف چيو آهي ته ھلندڙ سال دوران چين جي واپارين روس ۾ 13 ھزار ڪمپنين جي باضابطا رجسٽريشن ڪرائي آھي جھن سبب روس جي مارڪيٽ ۾ اولھه جي ملڪن وچ ۾ ڪاروباري سھڪار ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا تيزي سان وڌي رھيا آھن. روس-چين جو 6 ھين بزنس فورم 24 کان 25 نومبر تائين چين جي صوبي شانشي جي شھر شي آن ۾ جاري آھي جنھن جو مقصد ٻنھي ملڪن جي ننڍي ۽ وچولي درجي جي واپارين وچ ۾ اقتصادي شراڪت کي ھٿي وٺرائڻ آهي.

مزید خبریں