بيلجئيم ۾ حڪومت جي خرچن ۾ تجويز ڪيل ڪٽوتين ۽ ليبر قانونن ۾ تبديلين خلاف 3 ڏينهن واري هڙتال شروع

برسلز-24 نومبر (اي پي پي) بيلجئيم ۾ حڪومتي خرچن ۾ تجويز ڪيل ڪٽوتين ۽ ليبر قانونن ۾ تبديلين خلاف 3 ڏينهن واري هڙتال شروع ٿي وئي، جنهن سبب اسڪولن جي بندش، ريل گاڏين ۾ خلل ۽ فضائي سفر ۾ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق يونينز هڪومت جي تجويز ڪيل ڪفايت شعاريت پاليسين ۽ ليبر قانونن ۾ تبديلين خلاف احتجاج طور اها هڙتال گهرائي آهي. هڙتال جي …

برسلز-24 نومبر (اي پي پي) بيلجئيم ۾ حڪومتي خرچن ۾ تجويز ڪيل ڪٽوتين ۽ ليبر قانونن ۾ تبديلين خلاف 3 ڏينهن واري هڙتال شروع ٿي وئي، جنهن سبب اسڪولن جي بندش، ريل گاڏين ۾ خلل ۽ فضائي سفر ۾ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق يونينز هڪومت جي تجويز ڪيل ڪفايت شعاريت پاليسين ۽ ليبر قانونن ۾ تبديلين خلاف احتجاج طور اها هڙتال گهرائي آهي. هڙتال جي شروعات ٽن مرحلن ۾ ٿيندي، سومر تي ٽرينن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو عملو هڙتال ڪندو. قومي ريلوي ڪمپني ايس اين سي بي مطابق ٻن مان رڳو هڪ ٽرين هلندي جڏهن ته ڪجهه روٽس تي اهو انگ ٽن مان هڪ رهجي ويندو. برسلز ۽ پيرس وچ ۾ هلندڙ ڪيتريون ئي ٽرينون رد ڪيون ويون آهن. اڱاري تي سرڪاري شعبا جنهن ۾ اسڪول، کير پياڪ ٻارن جا ڪيئر هائوسز ۽ اسپتالون به هڙتال ۾ شامل ٿي وينديون. اربع تي يونينز مڪمل جنرل هڙتال جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ سمورا شعبا شامل ٿيندا. ملڪ جي ٻنهي هوائي اڏان، برسلز- زيونيم ۽ شارلروا تي اربع تي ڪا به اڏام روانو ٿيڻ جي اميد ناهي.

مزید خبریں