تل ابيب -24 نومبر (اي پي پي) اسرائيل جي آرمي چيف ايال زمير 7 آڪٽوبر 2023ع تي فلسطيني عسڪريت پسندن جا حملا روڪڻ ۾ نااهلي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڪيترن ئي فوجي اختيارين کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج جي ان سلسلوي ۾ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي، ته اسرائيلي آرمي چيف ڪيترن ئي فوجي ڪمانڊرن کي برطرف ڪرڻ جو باقاعده حڪم به جاري …
اسرائيل جي آرمي چيف 7 آڪٽوبر 2023ع جا حملا روڪڻ ۾ ناڪامي تي ڪيترن ئي فوجي ڪمانڊرن کي برطرف ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
تل ابيب -24 نومبر (اي پي پي) اسرائيل جي آرمي چيف ايال زمير 7 آڪٽوبر 2023ع تي فلسطيني عسڪريت پسندن جا حملا روڪڻ ۾ نااهلي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڪيترن ئي فوجي اختيارين کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج جي ان سلسلوي ۾ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي، ته اسرائيلي آرمي چيف ڪيترن ئي فوجي ڪمانڊرن کي برطرف ڪرڻ جو باقاعده حڪم به جاري ڪيو آهي. فوجي ڪمانڊرن جي اها برطرفي 7 آڪٽوبر 2023ع جا حملا روڪڻ ۾ بري طرح ناڪام رهڻ سبب ڪئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ڪيترن ئي فوجي آفيسرن کي ٻڌايو ويو ته کين ريزرو ڊيوٽي کان الڳ ڪيو ويندو ۽ هو آئينده فوج ۾ خدمتون انجام نه ڏئي سگهندا. جڏهن ته انهن کان علاوه ڪيترن ئي فوجي اختيارين کي باضابطا خبردار ڪيو ويو ته اوهان 7 آڪٽوبر جا حملا روڪڻ ۾ پنهنجي اهليت جو مظاهرو نه ڪري سگهيا، اسرائيلي فوج جي ان ناڪامي جي ذميوارن ۾ شامڪل هڪ فوجي آفيسر پاڻ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جن اسرائيلي فوجي اختيارين کي آئينده فوج ۾ ريزرو ڊيٽي ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي، انهن ۾ انٽيليجنس ڊائريڪٽوريٽ ۽ آپريشنز ڊائريڪٽوريٽ ۽ اسرائيلي ڏکڻ ڪمانڊ جا اڳوڻا سربراهه شامل آهن. اسرائيلي آرمي چيف ايال زمير چيو ته اسرائيلي فوج 7 آڪٽوبر تي پنهنجي عوام جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي جيڪا ان فوج جي بنيادي ذميواري آهي. اها هڪ سنگين ۽ افسوسناڪ ناڪامي آهي جيڪا اسان کي پنهنجي فوجي نظام ۾ ڏسڻ ۾ آئي. هن چيو ته ان ۾ فيصلا سازي ۽ رويي جي حوالي سان به ڪيتريون ئي ڪوتاهيون ڏٺيون ويون آهن. 7 آڪٽوبر وارن حملن ڏهاڙي جا ڪيترائي سبق آهن ۽ ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون آهن جن مان اسان کي سکڻو آهي، هاڻي مان پنهنجي قيادت وارن ڏهاڙن ۾ انهن شين تي ڌيان ڏيڻ چاهيان ٿو. واضح رهي ته اسرائيل 2 سال کان پوءِ سخت عوامي دٻاءَ تي اسرائيلي فوجي اختيارين کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ باضابطا بيان جاري ڪيو آهي.






