رياض -23 نومبر (اي پي پي) سعودي عملدارن هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانون جي ڀڃڪڙي تي وڌيڪ 22 هزار 94 غيرقانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا بڌايو ته 13 کان 19 نومبر 2025ع دوران مجموعي طور تي 13 هزار 750 ڄڻن کي اقامه قانون، 4 هزار 720 کي غيرقانوني سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ۽ 3 هزار 624 کي پورهئي واري قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ …
سعودي عرب ۾ 22 هزار غيرقانوني پرڏيهي گرفتار

مزید خبریں
رياض -23 نومبر (اي پي پي) سعودي عملدارن هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانون جي ڀڃڪڙي تي وڌيڪ 22 هزار 94 غيرقانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا بڌايو ته 13 کان 19 نومبر 2025ع دوران مجموعي طور تي 13 هزار 750 ڄڻن کي اقامه قانون، 4 هزار 720 کي غيرقانوني سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ۽ 3 هزار 624 کي پورهئي واري قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو. سعودي عرب ۾ غيرقانوني طور داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي هڪ هزار 867 ڄڻن کي به گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ 65 سيڪڙو ايٿوپين، 34 سيڪڙو يمني ۽ هڪ سيڪڙو ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ آهن.






