گڏيل عرب امارت ۾ ايئر فورس جي اي ٽي ايل سي 35 مشقون پڄاڻي تي پهتيون

دبئي -22 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات ۾ جاري گڏيل هوائي مشقون اي ٽي ايل سي 35 پڄاڻي تي پهچي ويون. مشقن ۾ شاهي هوائي ۽ رائل ايئر ڊفينس جي يونٽس ۽ ٻين دوست ۽ ڀائر ملڪن جي جٿن شرڪت ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايئر اينڊ ميزائيل وار فيئر جي مشقن ۾ فضائيه جي ٽورنيڊو جهازن پنهنجون تربيتي اڏامون مڪمل ڪيون جنهن ۾ دفاعي ۽ حملن کان علاوه …

دبئي -22 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات ۾ جاري گڏيل هوائي مشقون اي ٽي ايل سي 35 پڄاڻي تي پهچي ويون. مشقن ۾ شاهي هوائي ۽ رائل ايئر ڊفينس جي يونٽس ۽ ٻين دوست ۽ ڀائر ملڪن جي جٿن شرڪت ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايئر اينڊ ميزائيل وار فيئر جي مشقن ۾ فضائيه جي ٽورنيڊو جهازن پنهنجون تربيتي اڏامون مڪمل ڪيون جنهن ۾ دفاعي ۽ حملن کان علاوه هوائي نگراني ۽ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن جون مشقون ڪيون، جڏهن ته فضائيه جي جٿن ٽيڪٽيڪل نائٽ ڊراپ آپريشنز (رات جي اونداهي ۾ پيراشوٽ ذريعي لهڻ) ۽ هوا ۾ رهندي جهازن ۾ ٻارڻ ڀرڻ جون مشقون به شامل هيون. مشقن ۾ حصو وٺندڙ فضائيه جي گروپ ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل اسٽاف پائليٽ حمد بن هاشم الحربي ٻڌايو ته مشقن جو بنيادي مقصد هڪ ٻئي جي صلاحيتن ۾ اضافو ۽ گڏيل تجربن مان فائدو کڻڻ آهي. مشقن ۾ حقيقي حالتون پيدا ڪرڻ سبب جوانن جي مهارتن کي نکاريو ويو. جنهن ۾ نه رڳو پائليٽ شامل هئا پر گرائونڊ ڪنٽرول يونٽس به برابر جو حصو وٺن ٿا. هن جو چوڻ هو ته گڏيل هوائي مشقون ايئر اينڊ ميزائيل وار فيئر سينتر اي ٽي ايل سي 35 جو مقصد تجربن جي مٽاسٽا، مختلف نوعيت جي هوائي جنگي طريقن کي اختيار ڪرڻ ۽ شامل ملڪن وچ ۾ عسڪري سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي.

مزید خبریں