اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي زمين تي حد دخلين ۽ قبضي جي معاملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريلوي اختيارين کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ريلوي پنهنجي ملڪيتي زمين کي آجو ڪرائڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ هن وقت تائين ڪهڙا قدم کنيا آهن. جسٽس حسن رضوي ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه …
وفاقي آئيني عدالت پاران ريلوي جي زمين تي قبضي جو سخت نوٽيس، جامع رپورٽ طلب

مزید خبریں
اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي زمين تي حد دخلين ۽ قبضي جي معاملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريلوي اختيارين کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ريلوي پنهنجي ملڪيتي زمين کي آجو ڪرائڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ هن وقت تائين ڪهڙا قدم کنيا آهن. جسٽس حسن رضوي ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ جمعي ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت رمارڪس ڏنا ته ريلوي زمينن تي قبضي ۽ حد دخلين کي روڪڻ وارو ڪير آهي يا نه؟ ريلوي جي زمين قوم جي امانت آهي. پاڪستان ٺهڻ وقت ڪيتريون ريلون هلنديون هيون، اڄ ريل گاڏين ۽ پٽڙين جو انگ اڌ رهجي ويو آهي، ريلوي جا بهترين ڪلب ۽ اسپتالون ختم ٿي ويون، زمينن تي ڪچيون آباديون، انڊسٽري ۽ ڳوٺ بڻجي چڪا آهن. عدالت ريلوي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ريلوي جي زمين کي استعمال ۾ آڻڻ جو ڪو منصوبو موجود آهي يا نه ۽ جيڪڏهن سموري زمين واپس ملي وڃي ته ريلوي ان جو ڇا ڪندي. جسٽس رضوي وڌيڪ چيو ته حد دخلين جي خاتمي کان ريلوي کي ڪنهن روڪيو آهي؟ آفيسر اي سي وارن ڪمرن ۾ ويٺل رهندا ته زمينن تي قبضو ته ٿيندو، حد دخليون ۽ قبضا ٿي رهيا هئا ۽ ريلوي اکيون بند ڪري ويٺل رهي. ريلوي جي وڪيل ٻڌايو ته راولپنڊي ۾ ريلوي جي 1359 ڪينال زمين پنجاب حڪومت ڪچي آبادي لاءِ الاٽ ڪري ڇڏي هئي، جنهن ۾ ريلوي اسٽيشن به شامل هئي. پنجاب حڪومت غلطي تسليم ڪندي 1288 ڪينال ايراضي جي زمين ٻيهر ريلوي جي نالي منتقل ڪري ڇڏي آهي.











