معاشي ترقي، روزگار جي فراهمي ۽ آمدني ۾ اضافو صنعتي ترقي کانسواءِ ممڪن نه آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صنعتي ترقي جي حوالي سان ورڪنگ گروپ جي سفارشن کي ساراهيندي چيو آهي ته معاشي ترقي، روزگار جي فراهمي ۽ آمدني ۾ اضافو صنعتي ترقي کانسواءِ ممڪن نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي صنعتي ترقي تي نجي شعبي جي قائم ڪيل ڪميٽي جي پهرين جائزه اجلاس ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صنعتي ترقي جي حوالي سان ورڪنگ گروپ جي سفارشن کي ساراهيندي چيو آهي ته معاشي ترقي، روزگار جي فراهمي ۽ آمدني ۾ اضافو صنعتي ترقي کانسواءِ ممڪن نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي صنعتي ترقي تي نجي شعبي جي قائم ڪيل ڪميٽي جي پهرين جائزه اجلاس ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر ۽ ثاقب شيرازي جي قيادت ۾ صنعتي ورڪنگ گروپ ۾ شامل صنعتڪارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صنعتي ترقي جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون ويون جن کي وزيراعظم ساراهيندي چيو ته ملڪي معاشي ترقي، روزگار جي فراهمي ۽ آمدني ۾ اضافو صنعتي ترقي کانسواءِ ممڪن نه آهي، ڪاروبار ۾ آساني ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ قدم حڪومت جي اولين ترجيح آهن، ملڪي صنعتي ترقي جي لاءِ نجي شعبي جون تجويزون اهميت رکندڙ آهن. وزيراعظم ڪاروباري برادري پاران صنعتي ترقي جي لاءِ تيزي سان تيار ڪيل تجويزن کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته انهن تجويزن جو غور سان جائزو وٺڻ کانپوءِ عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ڪاروباري برادري مشڪل وقت ۾ حڪومتي پاليسين جو ساٿ ڏنو ۽ ملڪ کي معاشي بحرانن مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪ جو معاشي رخ بهتر ۽ ملڪ ترقي طرف گامزن آهي پر ملڪي ترقي جي لاءِ اسان کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي. اجلاس کي پاڪستان جي صنعتي ترقي ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ پاليسي تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ ملڪي صنعتي جي چٽاڀيٽي ۾ اضافي جي لاءِ خطي جي ملڪن سان ڀيٽ پڻ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم انهن تجويزن کي ساراهيندي معيشت جي ٻين شعبن جي حوالي سان سفارشن سان تجويزن کي گڏائي قومي پاليسي فريم ورڪ ۾ شامل ڪرڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ان تي عملدرآمد جي لاءِ تفصيلي جائزي جي هدايت ڪئي.

مزید خبریں