پاڪستان جي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پاران ابوظهبي ۾ جنرل وومين يونين جو سرڪاري دورو

ابوظهبي – 21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ابوظهبي ۾ جنرل وومين يونين جو سرڪاري دورو ڪيو جتي کيس گڏيل عرب امارات ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت مختلف قدمن ۽ پروگرامن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. امارات نيوز ايجنسي وام موجب جنرل وومين يونين جي سيڪريٽري جنرل نورا خليفه السويدي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جي آجيان ڪئي ۽ گڏيل عرب …

ابوظهبي – 21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ابوظهبي ۾ جنرل وومين يونين جو سرڪاري دورو ڪيو جتي کيس گڏيل عرب امارات ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت مختلف قدمن ۽ پروگرامن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. امارات نيوز ايجنسي وام موجب جنرل وومين يونين جي سيڪريٽري جنرل نورا خليفه السويدي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جي آجيان ڪئي ۽ گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي مضبوط ٻطرفي لاڳاپن سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ عورتن جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. جنرل وومين يونين پاران آصفه ڀٽو زرداري کي انهن نمايان پروگرامز بابت آگاهه ڪيو ويو جيڪي قوم جي ماءُ، جنرل وومين يونين جي چيئرپرسن، مدر اينڊ چائلڊ هُڊ جي سپريم ڪائونسل جي صدر ۽ فيملي ڊيولپمينٽ فائونڊيشن جي سپريم چيئرپرسن شيخه فاطمه بنت مبارڪ جي هدايتن تحت هلايا پيا وڃن. خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري شيخه فاطمه بنت مبارڪ وومين، پيس اينڊ سيڪيورٽي انيشي ايٽو جو جائزو ورتو، اهو منصوبو جنرل وومين يونين دفاع واري وزارت ۽ يو اين وومين جي حصيداري سان قائم ڪيو هو. کيس ٻڌايو ويو ته 2019ع کان هيستائين 25 ملڪن جي 700 کان وڌيڪ عورتن کي خوله بنت الازور ملٽري اسڪول ۾ تربيت ڏني وئي آهي، ان ٽن مهينن جي پروگرام ۾ امن مشنز، اندروني سلامتي، هٿيار هلائڻ جي تربيت، فيلڊ اسڪلز، ڪميونيڪشن، ليڊرشپ، ڪيميڪل ڊفينس، شهري جنگي مهارتن، انجنيئرنگ، جيو جِتسو، فٽنس ۽ جنگي شروعاتي امداد جهڙا اهم موضوع شامل آهن. آصفه ڀٽو زرداري الجوهره هال جو پڻ دورو ڪيو جتي شيخه فاطمه بنت مبارڪ کي ملندڙ عالمي اعزاز نمائش جي لاءِ رکيا ويا آهن. هن يونين جي مستقل نمائش ۽ اماراتي روايتن ۽ هٿ جي هنرن تي ٻڌل ثقافتي خيمو پڻ ڏٺو. خاتون اول گڏيل عرب امارات پاران شيخه فاطمه بنت مبارڪ جي قيادت ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته امن ۽ سلامتي ۾ عورتن جي شموليت مستقبل جي پائيدار ترقياتي ڍانچي جو بنياد آهي. هن ان قدم کي عورتن کي عالمي سطح تي امن ۽ سلامتي جي ڪردار جي لاءِ تيار ڪرڻ جو مثالي ماڊل قرار ڏنو. دوري گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عورتن جي ترقي، تربيت، تجربن جي مٽاسٽا ۽ عالمي سطح تي بهترين عملي مثالن کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻايو.

مزید خبریں