برسلز – 21 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سريلنڪا جي نائب پرڏيهي وزير ارون هيما چندرا سان ملاقات ڪئي ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اها ملاقات برسلز ۾ منعقد چوٿين يورپي يونين انڊو پيسفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي ٿي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سريلنڪا جي نائب پرڏيهي وزير ارون هيما چندرا سان ملاقات

مزید خبریں
برسلز – 21 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سريلنڪا جي نائب پرڏيهي وزير ارون هيما چندرا سان ملاقات ڪئي ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اها ملاقات برسلز ۾ منعقد چوٿين يورپي يونين انڊو پيسفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي ٿي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي فروغ تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري، سياحت، ثقافت، تعليم، دفاع، زراعت ۽ افرادي قوت جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي فورمز تي ويجهو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.











