برسلز – 21 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلپائن جي پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري سان برسلز ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب برسلز ۾ ٿيندڙ چوٿين يورپي يونين انڊو پيسفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري ٿريسا پي لازارو سان ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ وڌيڪ گڏيل تعاون جي موقعن ۽ امڪانن جو …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي فلپائن جي پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري سان ملاقات

مزید خبریں
برسلز – 21 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلپائن جي پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري سان برسلز ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب برسلز ۾ ٿيندڙ چوٿين يورپي يونين انڊو پيسفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري ٿريسا پي لازارو سان ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ وڌيڪ گڏيل تعاون جي موقعن ۽ امڪانن جو جائزو ورتو. ڌرين گڏيل قومن ۽ ٻين گهڻ رخي فورمز تي جاري تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي اميدوارن جي حمايت جي ذريعي ۽ ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي پنهنجي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.











