پشاور-21 نومبر (اي پي پي) بنون ۾ امن ڪميٽي جي آفيس تي دهشتگردن جي حملي ۾ امن ڪميٽي جا 7 ڪارڪن فوت ٿي ويا. بنون پوليس جي ترجمان موجب بنون جي علائقي هويد ۾ دهشتگردن امن ڪميٽي جي آفيس تي حملو ڪيو جنهن دوران فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڪارڪن فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. پوليس موجب حملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته …
بنون ۾ دهشتگردن جو امن ڪميٽي جي آفيس تي حملو، 7 ڪارڪن فوت

مزید خبریں
پشاور-21 نومبر (اي پي پي) بنون ۾ امن ڪميٽي جي آفيس تي دهشتگردن جي حملي ۾ امن ڪميٽي جا 7 ڪارڪن فوت ٿي ويا. بنون پوليس جي ترجمان موجب بنون جي علائقي هويد ۾ دهشتگردن امن ڪميٽي جي آفيس تي حملو ڪيو جنهن دوران فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڪارڪن فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. پوليس موجب حملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاشن ۽ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب اڻڄاتل هٿياربند دهشتگردن حملي ۾ امن ڪميٽي جي سربراهه قاري جليل جي آفيس کي نشانو بڻايو.











