وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان نيڌر لينڊز جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) انساني حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان نيڌر لينڊز جي سفير جي هاءِ ايڪسيلينسي رابرٽ يان سيگرٽ گذريل ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ ۽ تحفظ بابت قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. انساني حقن واري وزارت طرفان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير سفير …

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) انساني حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان نيڌر لينڊز جي سفير جي هاءِ ايڪسيلينسي رابرٽ يان سيگرٽ گذريل ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ ۽ تحفظ بابت قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. انساني حقن واري وزارت طرفان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير سفير جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي انساني حقن جي شعبي ۾ ترجيحن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ نيڌرلينڊز جي مستقل سهڪار ۽ دلچسپي کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين برابري، شموليت ۽ سمورن شهرين جي ڀلائي ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. سفير انساني حقن جي ايجنڊا تي عمل جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ آئيني ضمانتن، خاص ڪري مذهبي آزادي ۽ عقيدن جي آزادي کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومتي عزم کي ساراهيو. ان موقعي تي وفاقي وزير پاڪستان جي گهڻ رخي سماج جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ملڪ ۾ سمورين مذهبي برادرين جا حق پاڪستان جي آئين تحت محفوظ آهن. وزير تازي قانونسازي کان به آگاهه ڪيو، جنهن ۾ اقليتي حقن بابت نيشنل ڪميشن بل جو تعارف پڻ شامل آهي. جيڪو اقليتن جي حقن جي تحفظ، بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۽ قومي ترقي ۾ اقليتي برادرين جي ڀرپور شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي. وفاقي وزير انساني حقن بابت نيشنل ڪميشن پلان تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، جيڪو پاليسي سڌارن، انصاف تائين پهچ ۾ بهتري، بين القوامي معاهدن تي عمل ۽ انساني حقن جي ادارن کي مضبوط بڻائڻ جهڙن قدمن تي ٻڌل آهي. هن انساني حقن بابت قومي ڪميشن (اين سي ايڇ آر) عورتن جي وقار بابت قومي ڪميشن (اين سي ايس ڊبليو) ۽ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن (اين سي آر سي) جهڙن خودمختيار ادارن جي اهم ڪردار کي به اجاگر ڪيو. ان کانسواءِ عورتن، ٻارن، سينئر شهري، کدڙن فقيرن ۽ معذور ماڻهن جهڙن ڪمزور طبقن جي تحفظ بابت حڪومتي قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻئي طرف انساني حقن کي هٿي ڏيڻ ۽ تحفظ لاءِ ويجهو رابطو ۽ تعميري ڳالهيون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات جي پڄاڻي گڏيل ترجيحن تي وڌيڪ مضبوط سهڪار جي ورجاءُ تي ٿي.

مزید خبریں