چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڳاڻيٽي ۾ مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ 21 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڳاڻيٽي ۾ مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 21.43 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جاري مالي سال دوران چين ڏانهن پاڪستان جي روانگي واپار ۾ سالياني بنيادن تي 3.13 سيڪڙو جي گهٽتائي جڏهن ته چين مان آمدني واپار ۾ 25.36 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن موجب …

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڳاڻيٽي ۾ مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 21.43 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جاري مالي سال دوران چين ڏانهن پاڪستان جي روانگي واپار ۾ سالياني بنيادن تي 3.13 سيڪڙو جي گهٽتائي جڏهن ته چين مان آمدني واپار ۾ 25.36 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن موجب مالي سال جي شروعاتي چئن مهينن ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻطرفو واپار جو ڳاڻيٽو 7.177 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 21.43 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ چين پاڪستان ٻطرفي واپار جو ڳاڻيٽو 5.910 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن موجب مالي سال جي شروعاتي چئن مهينن ۾ چين کي روانگي واپار مان پاڪستان کي 788.77 ملين ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 3.13 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل مالي سال جي ساڳي مدي ۾ چين کي روانگي واپار مان ملڪ کي 813.46 ملين ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو هو. انگن اکرن موجب مالي سال جي شروعاتي چئن مهينن ۾ چين مان آمدني واپار تي 6.388 ارب ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 25.35 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ چين مان آمدني واپار تي 5.096 ارب ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو خرچ ٿيو هو.

مزید خبریں