ملڪ ۾ سون جي قيمت 426562 روپين تي مستحڪم

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سون جي قيمت ڪنهن به تبديلي کانسواءِ 4 لک 26 هزار 562 روپين تي مستحڪم رهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ڪنهن به تبديلي کانسواءِ 4 لک 26 هزار 562 روپين تي مستحڪم رهي. جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت ڪنهن به تبديلي کانسواءِ 365708 روپين تي برقرار رهي. …

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سون جي قيمت ڪنهن به تبديلي کانسواءِ 4 لک 26 هزار 562 روپين تي مستحڪم رهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ڪنهن به تبديلي کانسواءِ 4 لک 26 هزار 562 روپين تي مستحڪم رهي. جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت ڪنهن به تبديلي کانسواءِ 365708 روپين تي برقرار رهي. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت به ڪنهن به تبديلي کانسواءِ 335244 روپين تي برقرار رهي. في تولو چاندي جي قيمت 107 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5222 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 91 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4477 روپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو به عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4042 ڊالر تي مستحڪم رهي.

مزید خبریں