ڪينيڊا ۾ عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 28 نومبر تائين طلب

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته ڪينيڊا ۾ 29 اپريل کان پهرين مئي تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش سيال ڪينيڊا 2026ع ۾ شرڪت لاءِ 28 نومبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش ڪينيڊا ۾ 29 اپريل کان پهرين مئي تائين جاري رهندي جنهن ۾ ڪافي، چانهه، چانور، گلابي لوڻ، ڊيري مصنوعات، گوشت، …

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته ڪينيڊا ۾ 29 اپريل کان پهرين مئي تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش سيال ڪينيڊا 2026ع ۾ شرڪت لاءِ 28 نومبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش ڪينيڊا ۾ 29 اپريل کان پهرين مئي تائين جاري رهندي جنهن ۾ ڪافي، چانهه، چانور، گلابي لوڻ، ڊيري مصنوعات، گوشت، سي فوڊ، فروزن فوڊ، ميوا، کجور، ڀاڄيون، فاسٽ فوڊ ۽ پاڪستاني فوڊ پراڊڪٽس سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.

مزید خبریں