واشنگٽن-21 نومبر (اي پي پي)آمريڪا جي ڊفينس سيڪيورٽي ڪوآپريشن ايجنسي (ڊي ايس سي اي) چيو آهي ته پرڏيهي کاتي ڀارت کي جيولن اينٽي ٽينڪ ميزائيل سسٽم ۽ ايڪسڪيليبر گائيڊڊ آرٽلري ڌماڪيدار مادي جي وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جن جي مجموعي ماليت 9 ڪروڙ 30 لک ڊالرز آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي دفاعي ساز ۽ سامان جي اها خريداري آمريڪا جي فارن ملٽري سيلز پروگرام تحت ڀارت جي پهرين …
آمريڪا ڀارت کي جيولن اينٽي ٽينڪ ميزائيل وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
واشنگٽن-21 نومبر (اي پي پي)آمريڪا جي ڊفينس سيڪيورٽي ڪوآپريشن ايجنسي (ڊي ايس سي اي) چيو آهي ته پرڏيهي کاتي ڀارت کي جيولن اينٽي ٽينڪ ميزائيل سسٽم ۽ ايڪسڪيليبر گائيڊڊ آرٽلري ڌماڪيدار مادي جي وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جن جي مجموعي ماليت 9 ڪروڙ 30 لک ڊالرز آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي دفاعي ساز ۽ سامان جي اها خريداري آمريڪا جي فارن ملٽري سيلز پروگرام تحت ڀارت جي پهرين ڊيل آهي جيڪا هلندڙ سال آگسٽ ۾ ٻنهي ملڪن جي ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن کانپوءِ ٿي آهي جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت جي روسي تيل جي خريداري جي رد عمل ۾ ڀارتي منصوعات تي ٽيڪس ٻيڻو ڪري 50 سيڪڙو ڪري ڇڏيو هو. اها اڳڀرائي هلندڙ مهيني جنرل اليڪٽرڪ جي ويڙهاڪ جهازن جي انجڻين جي ٻيهر آرڊر کانپوءِ سامهون آئي جيڪا ڀارت جي مقامي طور تي تيار ڪيل تيجس جنگي جهازن ۾ استعمال ٿيندا. ايجنسي موجب ڀارتي حڪومت 216 ايڪسڪيليبر ٽيڪٽيڪل پروجڪٽائلز ۽ 100 جيولن سسٽمز خريد ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.






