عالمي ملڪ موسمياتي بحران جي سنگيني کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري، منصفاڻي ۽ متوازن معاهدي تائين پهچن:گڏيل قومون

گڏيل قومون-21 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سڄي دنيا جي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته اهي موسمياتي بحران جي سنگيني کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري، منصفاڻي ۽ متوازن معاهدي تائين پهچن. پرڏيهي ميڊيا موجب هن اها اپيل برازيل جي شهر بيليم ۾ جاري 30 هين گڏيل قومن جي ڪلائميٽ چينج ڪانفرنس (ڪوپ – 30) دوران پريس ڪانفرنس کي خطاب ۾ چئي. ڪانفرنس 10 کان …

گڏيل قومون-21 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سڄي دنيا جي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته اهي موسمياتي بحران جي سنگيني کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري، منصفاڻي ۽ متوازن معاهدي تائين پهچن. پرڏيهي ميڊيا موجب هن اها اپيل برازيل جي شهر بيليم ۾ جاري 30 هين گڏيل قومن جي ڪلائميٽ چينج ڪانفرنس (ڪوپ – 30) دوران پريس ڪانفرنس کي خطاب ۾ چئي. ڪانفرنس 10 کان 21 نومبر تائين جاري آهي ۽ ڳالهيون پڄاڻي جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. انتونيو گوتريش چيو ته ڪمزور ۽ متاثر برادريون وڌيڪ انتظار جي سٽ نٿيون سهي سگهن ۽ سمورن وفدن کي اتفاق راءِ تائين پهچڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته 2015ع جي پئرس معاهدي کانپوءِ هڪ ڏهاڪي ۾ ٿيل اڳڀرائي ناڪافي آهي. اسان کي وڌيڪ تيزي سان اڳتي وڌڻو پوندو ۽ خرچن ۾ وڏي گهٽتائي آڻڻي پوندي. هن زور ڀريو ته عالمي برادري کي هاڻي ئي نيڪال جي عروج تي پهچڻ گهرجي، هن ڏهاڪي ۾ نيڪال کي اڌ ڪرڻو پوندو، 2050ع تائين نيٽ زيرو جو هدف حاصل ڪرڻو پوندو ۽ ان کانپوءِ نيٽ نيگيٽو طرف وڌڻو پوندو. هن فوسل فيولز سان منصفاڻو، منظم ۽ برابر منتقلي جي ضرورت کي به ورجايو، جيئن ته گذريل سال دبئي ۾ ڪوپ 28 ٿيو هو، يو اين چيف موجب ماحولياتي نظام جو تحفظ ۽مناسب مالي مدد هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهن. هن چيو ته 2030ع تائين ٻيلن جي واڍي کي روڪڻ ضروري آهي ته جيئن فطرت نقصان بدران تحفظ جو ذريعو بڻجي سگهي. هن ترقي يافته ملڪن تي زور ڀريو ته هو آبهوا جي قدمن لاءِ ساليانو گهٽ کان گهٽ 300 ارب آمريڪي ڊالر 2035ع تائين فراهم ڪن، جڏهن ته ان وقت تائين ساليانو 1.3 کرب ڊالر جي هدفن تائين پهچن جو واضح روڊ ميپ به ضروري آهي. هن موجب محدود قومي بجيٽ باوجود عالمي مالياتي نظام ۽ وسيلن کي وڌائي وڌيڪ اثر انگيزي پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ گهڻ رخي ترقياتي بئنڪن کي فيصلائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

مزید خبریں