اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي پهرين حسن قرئت جي عالمي مقابلي جي شروعات 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندي جيڪا 29 نومبر تائين جاري رهندي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان عمر بٽ اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته او آءِ سي جي 57 ميمبر ملڪن جا قاري ۽ حافظ سڳورا مقابلي ۾ حصو وٺندا. قرئت جي مختلف …
مذهبي معاملن واري وزارت جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي پهرين حسن قرئت جي عالمي مقابلي جي شروعات 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندي

مزید خبریں
اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي پهرين حسن قرئت جي عالمي مقابلي جي شروعات 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندي جيڪا 29 نومبر تائين جاري رهندي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان عمر بٽ اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته او آءِ سي جي 57 ميمبر ملڪن جا قاري ۽ حافظ سڳورا مقابلي ۾ حصو وٺندا. قرئت جي مختلف ڪيٽيگريز جا مقابلا 4 ڏينهن تائين جاري رهندا. مقابلي ۾ پهريون، ٻيون ۽ ٽيون نمبر آيل قارين کي انعامن سان 29 نومبر تي نوازيو ويندو. هن چيو ته عالمي سطح تي 4 قاري ججز جا فرض سرانجام ڏيندا. قاري سيد صداقت علي چيف جج هوندو. ترجمان چيو ته اهو مقابلو پاڪستان جي ديني ۽ مذهبي منظرنامي ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو جنهن جو مقصد قرآن حڪيم جي ترويج، ديني قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ قرآني علم جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. هن چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن ته جيئن مهمانن، قاري سڳورن ۽ عالم سڳورن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته هي مقابلو نه رڳو پاڪستان جي مذهبي وقار ۽ قرآني خدمتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪندو پر عالم اسلام وچ ۾ روحاني ۽ ثقافتي هم آهنگي کي به هٿي ڏيندو. مذهبي معاملن واري وزارت جو اهو عزم آهي ته پاڪستان کي قرآن پاڪ جي ترويج ۽ ڇپائي جو عالمي مرڪز بڻايو وڃي ۽ هي ايونٽ مسلمان امت ۾ اتحاد، بين المذهب هم آهنگي ۽ قرآني قدرن کي هٿي ڏئي سگهندو











