عالمي برادري ٻارن لاءِ هڪ محفوظ، منصفاڻي ۽ برابري واري دنيا بڻائڻ لاءِ متحد ٿي وڃي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش

گڏيل قومون-21 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها سڄي دنيا جي ٻارن لاءِ هڪ محفوظ، منصفاڻي ۽ برابري واري دنيا بڻائڻ لاءِ متحد ٿي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو پيغام هن ٻارن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي وڊيو خطاب ۾ ڏنو، جيڪو هر سال 20 نومبر تي ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته ٻارن جي …

گڏيل قومون-21 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها سڄي دنيا جي ٻارن لاءِ هڪ محفوظ، منصفاڻي ۽ برابري واري دنيا بڻائڻ لاءِ متحد ٿي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو پيغام هن ٻارن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي وڊيو خطاب ۾ ڏنو، جيڪو هر سال 20 نومبر تي ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته ٻارن جي حقن جو ڪنوينشن جيڪو 36 سال اڳ منظور ڪيو ويو دنيا جو سڀني کان وڌيڪ توثيق ٿيل معاهدو آهي. هن چيو ته اهو هڪ سادي حقيقت جي تصديق ڪري ٿو جڏهن اسان انسانيت جي سڀ کان ننڍي عمر جي ماڻهن جي حفاظت ڪريون ٿا ته اسان هڪ بهتر دنيا جوڙيون ٿا. گڏيل قومن جي سربراهه موجب اڄ ٻارن جا حق شديد خطرن جي ور چڙهيل آهن، غربت ۽ هنگامي حالتون سندن تعليم کسي رهي آهي، موسمياتي تبديلي سندن مستقبل کي خطري ۾ وجهي رهي آهي ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ نوان خطرا جنم وٺي رهيا آهن. هن افسوس ظاهر ڪيو ته ڪيترائي ٻار پنهنجي عمر کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بار کڻڻ تي مجبور آهن، ڪٿي هو ننڍي عمر ۾ روزگار ڪن ٿا ۽ ڪٿي ننڍن ڀينرن ۽ ڀائرن جون ذميواريون سنڀالي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته بک ۽ جنگ هزارين ٻارن کان سندن بنيادي حق کسي ورتو آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ هر ٻار جون حالتون مختلف ٿي سگهن ٿيون پر هر ٻار جا هڪجهڙا حق آهن، چاهي اهو ڪٿي به رهندو هجي يا ڪير به هجي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو ٻارن جو آواز ٻڌي ۽ سندن حقن لاءِ ان جي جدوجهد کي سگهه ڏي. هن موجب ايندڙ نسلن جي مستقبل جو دارو مدار ان ڳالهه تي آهي ته اڄ اسان ٻارن جي سارسنڀال ڪيئن ڪريون ٿا، هن زور ڀريندي چيو ته اسان کي متحد ٿي هر ٻار لاءِ محفوظ ۽ برابري واري دنيا تعمير ڪرڻي پوندي. گڏيل قومن موجب ٻارن جو عالمي ڏينهن يونيسيف جو هڪ عالمي ڏينهن آهي، جيڪو ٻارن جي حمايت ۽ ٻارن جو آواز بلند ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي، 20 نومبر اهو تاريخي ڏينهن آهي جڏهن 1959ع ۾ گڏيل قومن ٻارن جي حقن جو اعلان منظور ڪيو ۽ 1989ع ۾ ٻارن جي حقن جو ڪنوينشن اختيار ڪيو.

مزید خبریں