فيصل آباد-21 نومبر (اي پي پي) فيصل آباد ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪي ۽ باهه لڳڻ سبب 14 ماڻهو فوت ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب منصور آباد ٿاڻي جي علائقي ملڪ پور شهاب ٽائون ڪٻڊي اسٽيڊيم گرائونڊ ويجهو فيڪٽري ۾ سلينڊر مان گئس ليڪيج سبب ڌماڪي کانپوءِ باهه ڀڙڪي اٿي، ڌماڪي سان ڪيميڪل فيڪٽري سميت ڀرپاسي جي گهرن جون ڇتيون ڊهي پيون. حادثي …
فيصل آباد ۾ فيڪٽري ۾ گئس ليڪيج سبب ڌماڪو، 14 ڄڻا فوت، 7 زخمي

مزید خبریں
فيصل آباد-21 نومبر (اي پي پي) فيصل آباد ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪي ۽ باهه لڳڻ سبب 14 ماڻهو فوت ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب منصور آباد ٿاڻي جي علائقي ملڪ پور شهاب ٽائون ڪٻڊي اسٽيڊيم گرائونڊ ويجهو فيڪٽري ۾ سلينڊر مان گئس ليڪيج سبب ڌماڪي کانپوءِ باهه ڀڙڪي اٿي، ڌماڪي سان ڪيميڪل فيڪٽري سميت ڀرپاسي جي گهرن جون ڇتيون ڊهي پيون. حادثي ۾ 14 ماڻهو فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو عملدارن ٻڌايو ته فيصل آباد ڪنٽرول روم کي صبح 5 لڳي 28 منٽن تي ايمرجنسي ڪال آئي ته ملڪ پور ۾ شهاب ٽائون ڪٻڊي اسٽيڊيم گرائونڊ ويجهو فيڪٽري ۾ گئس ليڪيج سبب ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ گهرن جون ڇتيون ڊهي پيون آهن. اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122، پوليس، مقامي انتظاميه جا عملدار واقعي واري هنڌ پهچي ويا. ريسڪيو جي امدادي ٽيمن موقعي تي پهچي امدادي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون. ريسڪيو جي اربن سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن جديد مشينري ۽ اوزارن جي مدد سان تيزي سان ڪارروائي ڪندي 21 متاثرن کي ملبي مان ڪڍيو، جن مان 10 ماڻهو ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 4 ماڻهن علاج دوران دم ڏنو. ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر انجنيئر احتشام واهله جي نگراني ۾ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي جڏهن ته ريسڪيو جون 20 کان وڌيڪ ايمبولينسز ۽ فائر وهيڪلز ريسڪيو سرگرمين ۾ مصروف آهن. فيصل آباد جي ڪمشنر جهانگير انور، ڊپٽي ڪمشنر نديم ناصر ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حادثو گئس ليڪيج سان ٿيو جنهن کانپوءِ فيڪٽري ۾ باهه ڀڙڪي اٿي، هن وقت تائين 15 ماڻهو فوت ٿيا آهن. ٽن ماڻهن کي برن يونٽ منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته 9 ماڻهو معمولي زخمي ٿيا آهن، انهن کي موقعي تي طبي امداد ڏني وئي آهي. فيڪٽري ۾ ڌماڪي سان ڀرپاسي جا 7 گهر به متاثر ٿيا آهن. امدادي سرگرميون جاري آهن، واقعي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ 5 رڪني انڪوائري ڪميٽي ٺاهي رهيا آهيون.











