هنوئي - 21 نومبر(اي پي پي)ويٽنام ۾ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 43 ٿي ويو آهي.پرڏيهي خابرو اداري مطابق ويٽنام جي مرڪزي علائقن ۾ تيز برساتن سبب شديد ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن ۽ فوتين جو انگ وڌي 43 ٿي ويو آهي جڏهن ته 9 ماڻهو اڃان تائين لاپتا آهن. اها معلومات ويٽنام ڊزاسٽر اينڊ ڊائيڪ مينيجمينٽ اٿارٽي جمعي ڏينهن جاري ڪئي آهي. اٿارٽي مطابق ٻوڏ جي وهڪرن سبب 67 هزار …
ويٽنام ۾ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 43 ٿي ويو

مزید خبریں
هنوئي – 21 نومبر(اي پي پي)ويٽنام ۾ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 43 ٿي ويو آهي.پرڏيهي خابرو اداري مطابق ويٽنام جي مرڪزي علائقن ۾ تيز برساتن سبب شديد ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن ۽ فوتين جو انگ وڌي 43 ٿي ويو آهي جڏهن ته 9 ماڻهو اڃان تائين لاپتا آهن. اها معلومات ويٽنام ڊزاسٽر اينڊ ڊائيڪ مينيجمينٽ اٿارٽي جمعي ڏينهن جاري ڪئي آهي. اٿارٽي مطابق ٻوڏ جي وهڪرن سبب 67 هزار 700 کان وڌيڪ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته 168 گهرن کي شديد نقصان پهتو آهي. ان کان علاوه 13 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ سارين ۽ ٻيا فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ 88 ايڪڙ فشريز فارم پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ سبب 30 هزار 700 کان وڌيڪ چوپايو مال ۽ پولٽري لڙهي وئي آهي، جنهن بعد معاشي نقصان جو شروعاتي ڪاٿو 3 کرب ويٽنامي ڊونگ (اٽڪل 12 ڪروڙ آمريڪي ڊالرز) لڳايو ويو آهي. اختيارين مطابق ريسڪيو ٽيمن متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري رکيون آهن پر مسلسل برساتون بحالي جي ڪم ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيون آهن.






