بيجنگ/ جوهانسبرگ-21 نومبر(اي پي پي) چين جو وزيراعظم لي چيانگ خميس ڏينهن ڏکڻ آفريقا پهچي ويو، جتي هو جي - 20 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو . اهو اجلاس ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن منعقد ٿيندو ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهو اجلاس آفريقي کنڊ ۾ ٿي رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ِلن جيان وزيراعظم جي دوري کان اڳ چيو ته چين ڏکڻ آفريقا …
چين جو وزيراعظم لي چيانگ ڏکڻ آفريقا پهچي ويو، پهريون ڀيرو ٿيندڙ جي – 20 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو

مزید خبریں
بيجنگ/ جوهانسبرگ-21 نومبر(اي پي پي) چين جو وزيراعظم لي چيانگ خميس ڏينهن ڏکڻ آفريقا پهچي ويو، جتي هو جي – 20 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو . اهو اجلاس ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن منعقد ٿيندو ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهو اجلاس آفريقي کنڊ ۾ ٿي رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ِلن جيان وزيراعظم جي دوري کان اڳ چيو ته چين ڏکڻ آفريقا جي جي – 20 سربراهي اجلاس جي صدارت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ اجلاس جي موضوع يڪجهتي، برابري، پائيداري تحت سمورن شريڪ ملڪن سان گڏجي تعاون وڌائڻ لاءِ تيار آهي . هن چيو ته چين ان سرابراهي اجلاس ۾ گهڻ رخي نظام کي هٿي ڏيڻ، کليل عالمي معيشت جي تعمير ۽ ترقياتي تعاون لاءِ اتفاق راءِ قائم ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو . وزيراعظم لي چيانگ جو ڏکڻ آفريقا ۾ ٽه ملڪي دوري جو ٽيون مرحلو آهي. ان کان اڳ هو روس ۽ زميبيا جو دورو ڪري چڪو آهي.






