راولپنڊي-20 نومبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو دبئي ايئر شو 2025ع جي موقعي تي دوست ملڪن جي فضائي سربراهن سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ جديد تربيت جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ، اُڀرندڙ ايرو اسپيس ٽيڪنالاجيز ۾ ڀائيواري ۽ مؤثر آپريشنل هم آهنگيءَ لاءِ طريقيڪار کي بهتر بنائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر پاران …
ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جون دبئي ايئر شو 2025ع جي موقعي تي دوست ملڪن جي فضائي سربراهن سان اعليٰ سطحي ملاقاتون

مزید خبریں
راولپنڊي-20 نومبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو دبئي ايئر شو 2025ع جي موقعي تي دوست ملڪن جي فضائي سربراهن سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ جديد تربيت جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ، اُڀرندڙ ايرو اسپيس ٽيڪنالاجيز ۾ ڀائيواري ۽ مؤثر آپريشنل هم آهنگيءَ لاءِ طريقيڪار کي بهتر بنائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب دؤري دوران ايئر چيف گڏيل عرب امارتن جي دفاع بابت انڊر سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل پائليٽ ابراهيم ناصرال علوي ۽ گڏيل عرب امارتن جي ايئرفورس ۽ ايئر ڊفينس ڪمانڊر ميجر جنرل راشد محمد الشمسي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقاتن ۾ جديد تربيت جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ، اُڀرندڙ ايرو اسپيس ٽيڪنالاجيز ۾ سهڪار ۽ مؤثر آپريشنل هم آهنگيءَ لاءِ طريقيڪار کي بهتر بنائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. يو اي اي جي عسڪري قيادت پاڪستان ايئرفورس جي جديد ڪاري جي ڪوششن ۽ وڌندڙ مقامي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ گڏيل مشقن، پيشيوراڻي مٽاسٽا ۽ حصيدارين ذريعي عسڪري تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پاڪستان ايئرفورس جو جٿو دبئي ايئر شو 2025ع ۾ شرڪت لاءِ يو اي اي ۾ موجود آهي. ان جٿي ۾ جديد جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ III ۽ ناليواري سپر مشاق ٽرينر جهاز شامل آهن، جيڪي پاڪستان جي مقامي عسڪري فضائي صلاحيتن ۾ وڌندڙ مهارت کي ظاهر ڪن ٿا. ايونٽ دوران جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ III توجهه جو مرڪز رهيو جنهن دفاعي تجزيي نگارن، هوابازي جي ماهرن ۽ وزيٽرز جي گهري دلچسپي حاصل ڪئي. پنهنجي جديد ترين ٽيڪنالاجي، مضبوط جنگي صلاحيتن ۽ حق جي ويڙهه ۾ ثابت ٿيل ڪارڪردگيءَ سبب ان جهاز هڪ اثرائتو ۽ گهٽ لاڳت ملٽي رول فائيٽر طور پنهنجي شهريت کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو. پاڪستان جي هوابازي جي صنعت تي وڌندڙ عالمي اعتماد جو اظهار ڪندي ڪيترن ئي ملڪن جي ايف 17 ٿنڊر حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. هڪ اهم اڳڀرائيءَ ۾ هڪ دوست ملڪ سان جي ايف 17 ٿنڊر جي خريداريءَ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون جيڪو پاڪستان جي وڌندڙ دفاعي ۽ صنعتي حصيدارين ۾ هڪ ٻيو نمايان سنگ ميل آهي.











