اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اعتماد ۾ واڌ، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان کي ڊجيٽل معيشت ۾ عالمي رفتار موجب اڳتي وڌائڻ لاءِ ريگيوليٽري ادارن جي مضبوطي ضروري آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ورچوئل ايسٽ ريگيوليٽري اٿارٽيءَ جي دؤري چئي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير کي ملڪ جي پهرين ورچوئل ايسٽ ريگيوليٽري فريم ورڪ جوڙڻ بابت …
اعتماد ۾ واڌ، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان کي ڊجيٽل معيشت ۾ عالمي رفتار موجب اڳتي وڌائڻ لاءِ ريگيوليٽري ادارن جي مضبوطي ضروري آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اعتماد ۾ واڌ، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان کي ڊجيٽل معيشت ۾ عالمي رفتار موجب اڳتي وڌائڻ لاءِ ريگيوليٽري ادارن جي مضبوطي ضروري آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ورچوئل ايسٽ ريگيوليٽري اٿارٽيءَ جي دؤري چئي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير کي ملڪ جي پهرين ورچوئل ايسٽ ريگيوليٽري فريم ورڪ جوڙڻ بابت اٿارٽيءَ جي جاري اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. پاڪستان ورچوئل ايسٽ ريگيوليٽري اٿارٽي جي سينيئر قيادت اٿارٽي جي مئنڊيٽ، پاليسي رُخ ۽ ورچوئل ايسٽس لاءِ جامع گورننس ڍانچي جي جوڙجڪ ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ تي ٻَڌل تفصيلي جائزو پيش ڪيو. بريفنگ ۾ اٿارٽيءَ جي مرحليوار طريقيڪار جو احاطو ڪيو ويو جنهن جو مقصد ان شعبي ۾ ريگيوليشن کي پاڪستان جي قومي ترجيحن موجب رکڻ، صارفين جو تحفظ يقيني بڻائڻ ۽ مالي استحڪام کي برقرار رکڻ آهي. ناڻي واري کي اٿارٽيءَ جي مقامي ۽ عالمي ڀائيوارن سان ٿيل مشاورت، ريگيوليٽري گائيڊ لائنز جي تياري ۽ انهن قدمن کان آگاهه ڪيو ويو جيڪي هي يقيني بنائڻ لاءِ کنيا پيا وڃن ته پاڪستان ورچوئل ايسٽس جي هڪ واضح ۽ شفاف نظام طرف وڌندي جڏهن ته سمورن قانوني ۽ طريقيڪار جي پابندي به برقرار رهي. ناڻي واري وزير قيام کان پوءِ کان پاڪستان ورچوئل ايسٽ ريگيوليٽري اٿارٽي ٽيم جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو ۽ ان اهم قومي مينڊيٽ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ان جي وابستگيءَ کي قابل تحسين قرار ڏنو. هن وقت سر عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان جي اقتصادي ۽ مالي مفادن جي تحفظ لاءِ ريگيوليٽري وضاحتون نهايت اهم آهن. وفاقي وزير پنهنجي آفيس کي اٿارٽي کي درپيش ڪنهن به انتظامي مسئلي يا طريقيڪار ۾ رڪاوٽ کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ حڪومت طرفان پاڪستان ورچوئل ايسٽ ريگيوليٽري اٿارٽيءَ جي ڪم جي مڪمل سرپرستي جي توثيق ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ريگيوليٽري ادارن جي مضبوطي، اعتماد ۾ واڌ، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان کي ڊجيٽل معيشت ۾ عالمي رفتار موجب اڳتي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي. پاڪستان ورچوئل ايسٽ ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين بلاول بن ثاقب ان موقعي تي چيو ته هي هڪ اهم قومي مينڊيٽ آهي ۽ اسان ان کي شروع کان ئي پاڪستان فرسٽ نقطه نظر سان تعمير ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اٿارٽي ذميداراڻي جدت، مضبوط حفاظتي قدمن ۽ ريگيوليٽري ڪليريٽي لاءِ پوريءَ طرح پُرعزم آهي. ناڻي واري وزير جي رهنمائي ۽ تعاون سان اسان جي ڪم جي رفتار تيز ٿيندي ۽ پاڪستان کي ارتقا تي ٻَڌل ڊجيٽل معيشت ۾ ذميداراڻو مقام ڏيارڻ ۾ مدد ملندي.











