چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا پاران نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو الوداعي دؤرو

راولپنڊي-20 نومبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو الوداعي دؤرو ڪيو. دؤري دوران چيئرمين چيفس آف اسٽاف ڪميٽي پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي پاڪ بحريه جي جنگي تيارين کي ساراهيو ۽ ملڪ جي سامونڊي …

راولپنڊي-20 نومبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو الوداعي دؤرو ڪيو. دؤري دوران چيئرمين چيفس آف اسٽاف ڪميٽي پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي پاڪ بحريه جي جنگي تيارين کي ساراهيو ۽ ملڪ جي سامونڊي سرحدن جي تحفظ لاءِ سندس پُختي عزم جي تعريف ڪئي. چيف آف دي نيول اسٽاف عهدو ڇڏيندڙ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽيءَ جي ٽنهي هٿياربند فوج وچ ۾ گڏيل سهڪار کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس اهم ڪردار تي شڪريو ادا ڪيو. ان کان اڳ نيول هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي چست جٿي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽيءَ کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.

مزید خبریں