پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ڳالهيون، حڪومت جديد گهرجن سان هم آهنگ سيڙپڪاري ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي)سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته حڪومت جديد گهرجن سان هم آهنگ سيڙپڪاري ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستان سيڙپڪاريءَ بابت پاليسي سڌارن جي نئين دؤر ۾ داخل ٿي رهيو آهي جنهن جو مقصد شفافيت، سيڙپڪارن جو اعتماد ۽ عالمي حصيدارن سان ڊگهي مُدي جي معاشي تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ …

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي)سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته حڪومت جديد گهرجن سان هم آهنگ سيڙپڪاري ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستان سيڙپڪاريءَ بابت پاليسي سڌارن جي نئين دؤر ۾ داخل ٿي رهيو آهي جنهن جو مقصد شفافيت، سيڙپڪارن جو اعتماد ۽ عالمي حصيدارن سان ڊگهي مُدي جي معاشي تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ڳالهين واري اجلاس ۾ ڪيو. وزارت پاران جاري بيان موجب 1998ع جي پاڪستان آسٽريليا ٻه طرفي سيڙپڪاري معاهدي جي جدت ڪاري جي سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين وارو دؤر ڪالهه مڪمل ٿيو. ٻنهي ڌُرين تجويز ڪيل جديد معاهدي جي شروعاتي مضمونن تي ڀرپور، پيشيوراڻي ۽ تعميري بحث ۾ حصو ورتو. ڳالهين جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي وفدن ايگريمينٽس تي باضابطه صحيحون ڪيون جن ۾ ان دؤر ۾ ٿيل اڳڀرائي کي رڪارڊ ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن ان عزم کي ورجايو ته ڳالهين جو سلسلو جاري رکيو ويندو ته جيئن هڪ جديد، متوازن ۽ مستقبل معاهدو جوڙي سگهجي جيڪو سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي جائز مفادن جو تحفظ ڪري سگهي. وفاقي وزير ان موقعي کي پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ سيڙپڪاري جي پائيدار لاڳاپن جي استحڪام لاءِ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته ان قسم جون ڳالهيون ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط اقتصادي تعاون، سيڙپڪارن جي تحفظ ۽ توانائي، معدنيات، ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ـ صنعت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا نوان موقعا فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته حڪومت جي اسٽريٽجڪ رُخ تحت پاڪستان عالمي سيڙپڪارن سان حصيداريءَ کي وڌائڻ ۽ ملڪي معاشي صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. وفاقي وزير ڳالهين واري ٽيمن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان آسٽريليا سيڙپڪاري معاهدي جي جدت ڪاري ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاريءَ جي وهڪري ۾ واڌ، واپاري موقعن کي هٿي ڏيڻ ۽ پائيدار معاشي تعاون جا مضبوط بنياد ثابت ٿيندا. وفاقي وزير جي اڳواڻيءَ ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ، ٻه طرفي حصيدارين جي استحڪام ۽ ملڪي پرڏيهي سيڙپڪارن جي مڪمل معاونت لاءِ پُرعزم آهي.

مزید خبریں