اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت نگران حڪومت جي دؤر ۾ مقرر ملازمن جي برطرفيءَ خلاف ڪي پي ڪي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهيءَ ۾ وفاقي آئيني عدالت جي 2 رڪني بينچ ٻُڌڻي ڪئي. ڪيس ۾ وڪيل خوشحال خان عدالت کي ٻُڌايو ته نگران حڪومت جي دؤر ۾ سندس مؤڪل کي سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان پوءِ ڀرتي ڪيو ويو …
وفاقي آئيني عدالت پاران نگران حڪومت جي دؤر ۾ مقرر ملازمن جي برطرفيءَ خلاف ڪي پي ڪي حڪومت کي نوٽيس جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت نگران حڪومت جي دؤر ۾ مقرر ملازمن جي برطرفيءَ خلاف ڪي پي ڪي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهيءَ ۾ وفاقي آئيني عدالت جي 2 رڪني بينچ ٻُڌڻي ڪئي. ڪيس ۾ وڪيل خوشحال خان عدالت کي ٻُڌايو ته نگران حڪومت جي دؤر ۾ سندس مؤڪل کي سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان پوءِ ڀرتي ڪيو ويو جڏهن ته موجوده چونڊيل حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ملازمن کي برطرف ڪيو ويو. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت ملازمن جي برطرفي لاءِ صوبائي اسيمبلي مان قانون منظور ڪرايو جنهن کي ”ڪي پي ڪي ملازمن جي برطرفي ايڪٽ 2025ع“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. عدالت پُڇاڻو ڪيو ته موجوده ملازمن جو بنياد نئين قانون تي آهي يا پاليسي تي، جنهن تي ٻُڌايو ويو ته چونڊيل حڪومت اقتدار ۾ اچي هڪ نئين پاليسي جوڙي. عدالت معاملي جي وڌيڪ ٻُڌڻي لاءِ ايجوڪيشن کاتي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.











