اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت پاڪستاني ٽي وي چينلز تي ڀارتي مواد نشر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻُڌڻي دوران ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻُڌڻي اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. ڪيس جي پسِ منظر ۾ ٻُڌايو ويو ته 2016ع ۾ پيمرا جي هڪ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو …
وفاقي آئيني عدالت پاڪستاني چينلز تي ڀارتي مواد نشر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻُڌڻي اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت پاڪستاني ٽي وي چينلز تي ڀارتي مواد نشر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻُڌڻي دوران ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻُڌڻي اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. ڪيس جي پسِ منظر ۾ ٻُڌايو ويو ته 2016ع ۾ پيمرا جي هڪ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته ڀارتي مواد پاڪستان ۾ نشر نه ڪيو ويندو جڏهن ته شروعات ۾ لائسنس ڏيڻ وقت چينلز کي 10 سيڪڙو ڀارتي مواد نشر ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. ماضيءَ ۾ 2017ع ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي حيثيت سان پيمرا جي ان نوٽيفڪيشن کي معطل قرار ڏنو هو. عدالت ٻُڌڻي ملتوي ڪندي ڌُرين کي ايندڙ تاريخ تي ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.











