اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت پاران پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ 25 سال وڪالت جي تجربي جي شرط کي چئلينج ڪندڙ درخواست تي اٽارني جنرل آف پاڪستان سميت سمورن لاڳاپيل ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت وڌيڪ ٻُڌڻي اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊن لاءِ مقرر اهليت خلاف درخواست جي ٻُڌڻي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس روزي خان تي …
وفاقي آئيني عدالت پاران پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ 25 سال تجربي جي شرط خلاف درخواست تي اٽارني جنرل سميت ڌُرين کي نوٽيس جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت پاران پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ 25 سال وڪالت جي تجربي جي شرط کي چئلينج ڪندڙ درخواست تي اٽارني جنرل آف پاڪستان سميت سمورن لاڳاپيل ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت وڌيڪ ٻُڌڻي اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊن لاءِ مقرر اهليت خلاف درخواست جي ٻُڌڻي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس روزي خان تي ٻَڌل 2 رڪني بينچ ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل مؤقف اختيار ڪيو ته موجوده تحت بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوار وٽ گهٽ ۾ گهٽ 20 سال هاءِ ڪورٽ ۾ ۽ 5 سال سپريم ڪورٽ ۾ وڪالت جو تجربو هئڻ لازمي آهي، جيڪو مجموعي طور 25 سال بڻجي ٿو. ان جا اهي شرط غير معقول، غير منطقي ۽ آئين جي بنيادي اصولن خلاف ٽڪراءُ ۾ آهن. وڪيل نشاندهي ڪئي ته چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل جي عهدي لاءِ پڻ 25 سال لازمي تجربي جي شرط ناهي جڏهن ته آئيني عدالت جي جج لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 20 سال هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت جو تجربو ڪافي سمجهيو وڃي ٿو. ان لاءِ بار ڪائونسل جي چونڊن لاءِ 25 سال شرط آئين جي آرٽيڪل 25، آرٽيڪل 100 ۽ آرٽيڪل 193 جي ڀڃڪڙي آهي. عدالت شروعاتي ٻُڌڻيءَ کانپوءِ ڌُرين کان جواب طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.











