نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي برسلز ۾ يورپي يونين جي عالمي حصيداري بابت ڪمشنر جوزف سيڪلا سان ملاقات

برسلز – 20 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ يورپي يونين جي عالمي حصيداري بابت ڪمشنر جوزف سيڪلا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ موثر ۽ بامعنيٰ تعاون جي فروغ جي اهميت تي زور ڏنو. اهو اتفاق ڪيو ويو ته …

برسلز – 20 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ يورپي يونين جي عالمي حصيداري بابت ڪمشنر جوزف سيڪلا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ موثر ۽ بامعنيٰ تعاون جي فروغ جي اهميت تي زور ڏنو. اهو اتفاق ڪيو ويو ته يورپي يونين جي ”گلوبل گيٽ وي پروگرام“ سميت مختلف فريم ورڪس تحت پاڪستان – يورپي يونين تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ويندو ۽ پاڪستان ۾ يورپي انويسٽمينٽ بئنڪ جي فٽ پرنٽ کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا موقعا ڳوليا ويندا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ پائيدار ترقي ۽ اقتصادي خوشحالي جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

مزید خبریں