پاڪستان ڊجيٽل نيشن ايڪٽ معيشت، گورننس ۽ معاشره ۾ ڊجيٽل تبديلي لاءِ جامع روڊ ميپ بڻجي ويو آهي: شزا فاطمه خواجه

بشڪيڪ -20 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان ڊجيٽل نيشن ايڪٽ معيشت، گورننس ۽ معاشري ۾ ڊجيٽل تبديلي لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ بڻجي ويو آهي، پاڪستان جون آءِ ٽي ڪمپنيون سڄي دنيا ۾ 190 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿيون ۽ اسان گڏيل پروجيڪٽس تيار ڪندي پنهنجي ڪرغزستان جي حصيدارن کي ان سطح جي عالمي …

بشڪيڪ -20 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان ڊجيٽل نيشن ايڪٽ معيشت، گورننس ۽ معاشري ۾ ڊجيٽل تبديلي لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ بڻجي ويو آهي، پاڪستان جون آءِ ٽي ڪمپنيون سڄي دنيا ۾ 190 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿيون ۽ اسان گڏيل پروجيڪٽس تيار ڪندي پنهنجي ڪرغزستان جي حصيدارن کي ان سطح جي عالمي پهچ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اهڙو اظهار هن ڪرغزستان جي دوري دوران وي بي- ڪي جي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. پنهنجي انٽرويو دوران هن ملڪ جي سڀني کان ڪامياب ڊجيٽل قدمن، اليڪٽرانڪ سروسز جي هڪ متحد نظام جي جوڙجڪ، سائبر سيڪيورٽي ۽ ڪرغزستان سان تعاون جي امڪانن تي روشني وڌي. هن چيو ته اسان پاڪستان ڊجيٽل نيشن ايڪٽ منظور ڪيو، جيڪو ٽن اهم شعبن معيشت، گورننس ۽ معاشري ۾ ڊجيٽل تبديلي لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ بڻجي ويو آهي. ان کانپوءِ قومي مصنوعي ذهانت جي پاليسي جي منظوري ڏني وئي. سڀني کان اهم قدم ڊجيٽل شناختي ڪارڊز جاري ڪرڻ هو جيڪو 240 ملين جي آبادي واري ملڪ لاءِ هڪ سنگين چئلينج هو. هڪ ئي وقت ۾ اسان معيشت ۽ سماجي شعبي سميت هڪ جامع ڊجيٽل تبديلي طرف وڌي رهيا آهيون. اسان پنهنجي سپر ايپ به ٺاهي رهيا آهيون، جيڪا ڪرغزستان جي “Tnuduk” وانگر آهي. ان سان شهرين کي پري پري کان مڪمل طور تي رابطي کانسواءِ سرڪاري خدمتن تائين رسائي حاصل ٿيندي. هن چيو ته پهريون راست ڊجيٽل ادائيگي جو نظام قائم ڪيو ويو، هي هڪ واحد ڪيو آر ڪوڊ جي ذريعي لاڳو ٿئي ٿو، سمورين بئنڪن ۽ ڊجيٽل واليٽس ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ ملڪ جي مڪمل ڊجيٽل ڏي وٺ ڏانهن منتقلي کي تيز ڪري ٿو. مثال طور رمضان دوران راست ذريعي ڏنل سبسڊي جي ڪري 8 لک عورتن ڊجيٽل والٽ کوليا. هن چيو ته اڄ وفاقي حڪومت جو 98  سيڪڙو ڪم اليڪٽرانڪ فارميٽ ۾ منتقل ٿي چڪو آهي، جنهن سان شفافيت ۽ ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن چيو ته ڄاڻايل ڊجيٽل پاڪستان نيشن ايڪٽ هڪ اهم ذريعو بڻجي ويو آهي جنهن تحت پاڪستان ڊجيٽل ايجنسي ۽ نيشنل ڊجيٽل ڪميشن بڻايو ويو جنهن جي سربراهي وزيراعظم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسلام آباد لاءِ سپر ايپ ”آسان خدمت اسلام آباد“ پهرين ئي ڪم ڪري رهي آهي ۽ اسان في الحال سڄي ملڪ ۾ ان جي لاڳو تي ڪم ڪري رهيا آهين. هن چيو ته اسان شناختي ڪارڊ جي نظام کي به ڊجيٽل ڪري ڇڏيو آهي. آن لائن درخواستون هاڻي دستياب آهن، جيڪي اوهان کي ڊجيٽل، اليڪٽرانڪ طور تي تصديق جوڳي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿيون. 50 کان وڌيڪ سرڪاري خدمتون آن لائن دستياب آهن ۽ اسان ڊسمبر تائين ان انگ کي 100 تائين وڌائڻ جو ارادو رکون ٿا. وفاقي وزير چيو ته اسان پاڪستان سي اي آر ٽي (نيشنل ڪمپيوٽر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم) ٺاهي آهي، جيڪا خطرن جي نگراني ڪري ٿي، واقعن جو جواب ڏيندي آهي ۽ سفارشون جاري ڪندي آهي. ٻيون ايجنسيون به آهن، جهڙوڪ اين ٽي آءِ ايس بي جيڪا سرڪاري معلوماتي نظام جي حفاظت لاءِ ذميوار آهي. اسان في الحال هڪ قومي سائبر سيڪيورٽي پاليسي جي ترقي کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون، جيڪا هڪ خودمختيار سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي قائم ڪندي. هي ڊجيٽل دور ۾ حڪومتي نظام، ڊيٽا ۽ شهرين جي حفاظت ڪندو. شزه فاطمه چيو ته اسان تعاون کي سگهه ڏيڻ جي وڏي صلاحيت ڏسون ٿا. هڪ علائقو ڪراچي ۾ وچ ايشيا ۽ پاڪستان جي سب ميرين ڪيبل اسٽيشنن وچ ۾ فائبر آپٽڪ ڪنيڪشن آهي. اسان ڪرغزستان کي عالمي نيٽ ورڪ لاءِ هڪ ننڍو رستو فراهم ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته بنيادي ڍانچي کانسواءِ اسان بزنس ٽو بزنس تعاون ۾ وڏي صلاحيت ڏسون ٿا، ڪيرڪ فورم ۾ اسان جي ڪمپنين وچ ۾ مفاهمت جي هڪ يادداشت تي پهرين ئي صحيحون ٿي چڪيون آهن.  هن چيو ته پاڪستان آءِ ٽي ڪمپيون سڄي دنيا ۾ 190 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿيون ۽ اسان گڏيل پروجيڪٽس تيار ڪندي وقت پنهنجي ڪرغز حصيدارن کي ان سطح جي عالمي رسائي فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ان سان اسان کي گڏيل مصنوعات تيار ڪرڻ، مهارتن کي وڌائڻ، مهارت جو سهڪار ڪرڻ ۽ پنهنجي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

مزید خبریں