اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جسٽس امين الدين خان جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس ارشد حسين سان گڏ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ ۾ قائم رڪارڊ روم جي قيام لاءِ رکيل جاءِ جو دؤرو ڪيو. وفاقي آئيني عدالت پاڪستان جي رجسٽرار طرفان جاري پڌرائيءَ موجب چيف جسٽس موقعي تي تجويز ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ موجود …
وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جسٽس امين الدين خان نئين رڪارڊ روم جي قيام لاءِ رکيل جاءِ جو دؤرو ڪيو

مزید خبریں
اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جسٽس امين الدين خان جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس ارشد حسين سان گڏ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ ۾ قائم رڪارڊ روم جي قيام لاءِ رکيل جاءِ جو دؤرو ڪيو. وفاقي آئيني عدالت پاڪستان جي رجسٽرار طرفان جاري پڌرائيءَ موجب چيف جسٽس موقعي تي تجويز ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ موجود لاڳاپيل عدالتي رڪارڊ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قائم ٿيندڙ نئين رڪارڊ روم ۾ منتقل ڪرڻ جي باضابطه منظوري ڏني. هن ان موقعي تي عدالتي رڪارڊ جي محفوظ آرڪائيونگ ۽ مؤثر رسائيءَ کي جاري ۽ مستقبل جي عدالتي ڪمن لاءِ نهايت اهم قرار ڏنو. دؤري دوران چيف جسٽس امين الدين خان ان هنڌ جو معائنو ڪيو جتي نئين ڊيسڪ قائم ڪئي پئي وڃي، جيڪو نَون ڪيسن جي دائرگي، تصديق ٿيل نقلن جي درخواستن ۽ معلومات جي فراهميءَ لاءِ رکيو ويو آهي. چيف جسٽس انتظامن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ان ڊيسڪ کي فوري فعال ڪرڻ جي منظوري ڏني. اها ڊيسڪ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي آجياڻي واري هنڌ ويجهو اهڙيءَ طرح قائم ڪئي آهي ته وڪيل، سائلين ۽ عام شهرين کي وڌ کان وڌ سهولت ميسر اچي سگهي. ان موقعي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن چيف جسٽس سان ملاقات ڪئي ۽ ان انتظامي قدمن کي عدالتي سهولت ۽ ڪارڪردگيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ بار طرفان چيف جسٽس کي گلدستو پڻ پيش ڪيو ويو.










