هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت پاران 36 ارب رپين کان وڌيڪ جا ترقياتي منصوبا مڪمل

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي)هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت گذريل 5 سالن ۾ 36.669 ارب رپين جي ماليت جا 8 وڏا قومي انفراسٽرڪچر ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري ورتا آهن. ويلٿ پاڪستان کي دستياب سرڪاري دستاويزن موجب اهي سمورا منصوبا 2020ع کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ مڪمل ڪيا ويا ۽ انهن جي مڪمل فنڊنگ وفاقي حڪومت فراهم ڪئي. ان منصوبن جي مڪمل تڪميل پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ڪئي جيڪو هائوسنگ …

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي)هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت گذريل 5 سالن ۾ 36.669 ارب رپين جي ماليت جا 8 وڏا قومي انفراسٽرڪچر ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري ورتا آهن. ويلٿ پاڪستان کي دستياب سرڪاري دستاويزن موجب اهي سمورا منصوبا 2020ع کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ مڪمل ڪيا ويا ۽ انهن جي مڪمل فنڊنگ وفاقي حڪومت فراهم ڪئي. ان منصوبن جي مڪمل تڪميل پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ڪئي جيڪو هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جو ذيلي ادارو آهي، مڪمل ڪيل منصوبن ۾ شير شاهه سوري روڊ تي فلاءِ اوور، 6.4 ڪلوميٽر نشتر روڊ، 8.9 ڪلوميٽر منگهو پير روڊ (فيز ون)، ڪي ايم سي لاءِ فائر ٽينڊرز، ڪي ايم سي ڊولپمينٽ اسڪيمون، 66 انچ ۽ 48 انچ واٽر پائيپ لائنز وڇائڻ، 0.5 ڪلوميٽر پي اين ايس مهراڻ روڊ ۽ گرين لائن بس ريپڊ ٽرانزٽ سسٽم ڪراچي ”اانفراسٽرڪچر فيز ون“ شامل آهن. شير شاهه سوري روڊ جو فلاءِ اوور 2020ع ۾ 2.39 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيو. نشتر روڊ ۽ منگهو پير روڊ فيز ون ترتيبوار 2019ع ۽ 2021ع ۾ مڪمل ٿيا جن تي 1.9 ارب رپيا لاڳت آئي. جڏهن ته منگهو پير روڊ (ڄام چڪرو کان بنارس نارٿ بانڊ) 2024ع ۾ 3.19 ارب رپين جي رقم سان پڄاڻيءَ تي پهتو. ڪي ايم سي فائر ٽينڊرز منصوبو 2021ع ۾ 1.88 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيو. ڪي ايم سي ترقياتي اسڪيمون 2021ع ۾ 1.011 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيون. 66 ۽ 48 انچن وارا واٽر پائيپ لائنز 2020ع ۾ 1.65 ارب رپين جي لاڳت سان وڇايا ويا. پي اين ايس مهراڻ روڊ جو 0.5 ڪلوميٽر حصو 2021ع ۾ 0.04 ارب رپين ۾ مڪمل ٿيو، جڏهن ته گرين لائن بي آر ٽي سسٽم ڪراچي فيز ون 2022ع ۾ 24.60 ارب رپين ۾ تيار ٿيو. پي آءِ ڊي سي ايل پنهنجي مينڊيٽ تحت ٻين منصوبن تي به ڪم ڪري رهي آهي جن ۾ ڪراچي اربن انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ پيڪيج، حيدرآباد اربن انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ پيڪيج (ري فيمپنگ ۽ بحالي) ۽ فيڊرل ڪورٽس ڪراچي شامل آهن جن تي مجموعي طور 24 ارب رپيا خرچ ٿيا. ڪراچي انفراسٽرڪچر پيڪيج جي شروعاتي لاڳت 15 ارب رپيا، حيدرآباد پيڪيج 5 ارب رپيا ۽ فيڊرل ڪورٽس ڪراچي منصوبي تي 4 ارب رپيا لڳايا ويا. ان کان علاوه پي آءِ ڊي سي ايل گرين لائن بي آر ٽي جو 1.8 ڪلوميٽر کان وڌيڪ حصو 4.59 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اورينج لائن ۽ بي آر ٽي کي گرين لائن سان ڳنڍڻ سان هڪ ڪلوميٽر انٽيگريشن منصوبي تي 0.058 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن. وزارت جي هڪ سينيئر عملدار ويلٿ پاڪستان کي ٻُڌايو ته اهي منصوبا شهري چُرپر بهتر بڻائڻ شهري سهولتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ وڏن شهرن ۾ وڏي عرصي تائين موجود ترقياتي خال کي ڀرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ڪيتريون ئي اسڪيمون خاص ڪري روڊن جي بحالي ۽ واٽر پائيپ لائن نيٽ ورڪس ان لاءِ شروع ڪيون ويون ته جيئن ڪراچيءَ جي لکين شهرين کي درپيش ٽريفڪ مسئلن ۽ پاڻيءَ جي فراهمي جي بحران ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. پي آءِ ڊي سي ايل کي هدايت ڪئي وئي آيه ته ڪراچي ۽ حيدرآباد بابت جاري منصوبن جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن جي معاشي سرگرمين تي سڌيءَ ريت اثر پوي ٿو. حڪومت ڪراچي پيڪيج جو دائره ڪار وڌائڻ تي ويچاري رهي آهي جنهن تحت وڌيڪ روڊ، پاڻيءَ جي نيڪال جي نظام ۾ بهتري ۽ نوان واٽر سپلاءِ لائنز شامل ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.

مزید خبریں