شزه فاطمه خواجه جي ڪيريڪ وزارتي ڪانفرنس ۾ شرڪت سميت اهم شخصيتن سان ملاقاتون، علائقائي تعاون تي ڳالهه ٻولهه

بشڪيڪ-20 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ڪرغستان جي دؤري دوران ڪيريڪ وزارتي ڪانفرنس ۾ شرڪت سميت اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ هن علائقائي ڊجيٽل تعاون، ڪنيڪٽوٽي ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن تي پاڪستان جو  مؤقف پيش ڪيو. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير ڪريڪ 24 وزاتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير علائقائي …

بشڪيڪ-20 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ڪرغستان جي دؤري دوران ڪيريڪ وزارتي ڪانفرنس ۾ شرڪت سميت اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ هن علائقائي ڊجيٽل تعاون، ڪنيڪٽوٽي ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن تي پاڪستان جو  مؤقف پيش ڪيو. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير ڪريڪ 24 وزاتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير علائقائي ڊجيٽل تعاون ڪنيڪٽوٽي ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي پاڪستان جو مؤقف پيش ڪيو. ڪانفرنس جي موقعي تي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ڪرغزستان جي ڊجيٽل ڊولپمينٽ واري وزير سان ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن ڊجيٽل تعاون ۽ علائقائي رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان ڪراچي ۽ گوادر سب ميرين ڪيبل ذريعي بينڊوٿ جي آڇ ڪئي. ڪيرڪ فريم ورڪ تحت فائبر ڪنيڪٽوٽي جي گڏيل رستن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. گڏيل ٽيڪنيڪل ڪنيڪٽوٽي گروپ جي قيام جي تجويز به پيش ڪئي وئي. سافٽ ويئر ڪلائوڊ ۽ سائبر سيڪيورٽيءَ ۾ گڏيل تربيتي پروگرامن تي اتفاق ٿيو. پاڪ ڪرغز اسٽارٽپ بريج جي قيام ۽ گڏيل هيڪاٿونز ايڪسچينج پروگرامن تي اتفاق ٿيو. بشڪيڪ ۾ وفاقي وزير ازبڪ سيڙپڪاري ۽ صنعت ۽ واپار واري وزير سان به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊجيٽل واپار ۽ خطي ۾ اسٽريٽجڪ ڪنيڪٽوٽي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪريڪ ڊجيٽل ڪوريڊور تحت پاڪستان ازبڪستان فائبر لنڪ تي به ڳالهيون ٿيون. سستو بينڊوٿ، ڊيٽا سينٽرز ۽ علائقائي ڊجيٽل ٽريڊ فلو وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. سافٽ ويئر، فِن ٽيڪ ۽ اِي ڪامرس ۾ گڏيل جي وي ماڊلز تي ڳالهه ٻولهه ٿي. انگلش ۽ روسي زبان جي بنياد تي آئوٽ سورسنگ ماڊلز کي هٿي ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي. اين آءِ سيز ۽ ازبڪ آءِ ٽي پارڪس وچ ۾ اسٽارٽ اپ تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن سائبر سيڪيورٽي، ڊجيٽل پاليسي ۽ گڏيل ريگيوليٽري فريم ورڪ تي تعاون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو.

مزید خبریں