راولپنڊي-20 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا صوبي ۾ ٽن مختلف ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فنته الخوارج جا 7 دهشتگرد ماري ڇڏيا. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز جي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ٽن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ هندستاني پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 7 خوارجي ماريا ويا. خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز مهمند …
سيڪيورٽي فورسز جي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ٽن مختلف ڪاررواين ۾ فتنه الخوارج جا 7 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي-20 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا صوبي ۾ ٽن مختلف ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فنته الخوارج جا 7 دهشتگرد ماري ڇڏيا. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز جي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ٽن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ هندستاني پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 7 خوارجي ماريا ويا. خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز مهمند ضلعي ۾ ڳجهو آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي ٺڪاڻي کي موثر طريقي سان نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ چئن خوارجين کي جهنم حوالي ڪيو ويو، لڪي مروت ضلعي ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي هڪ ٻيو آپريشن ڪيو ويو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻن خوارجين کي سيڪيورٽي فورسز موثر طريقي سان جهنم حوالي ڪيو. ٽانڪ ضلعي ۾ ٿيل ٽئين آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ خوارجي کي ڪاميابي سان بي اثر ڪري ڇڏيو، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عزم استحڪام جي ويزن تحت علائقي ۾ ڪنهن به ڀارتي حمايت يافته خوارج جي موجودگي جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري رکيو آهي ته جيئن ملڪي ۽ پرڏيهي حمايت يافته دهشتگردي جي خطرن کي پاڙ کان پٽي اڇلايو وڃي.











