صحت ۽ تعليم صوبن وٽ رهڻ گهرجي : وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ارڙهين ترميم تحت صحت جا شعبا صوبن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن، صحت ۽ تعليم صوبن وٽ آهي ۽ صوبن وٽ رهڻ گهرجي، جڏهن پمز اسپتال ٺاهي وئي ان وقت آبادي 20 سيڪڙو گهٽ هئي، اڄ آبادي ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير مان وڏي انگ ۾ ماڻهو …

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ارڙهين ترميم تحت صحت جا شعبا صوبن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن، صحت ۽ تعليم صوبن وٽ آهي ۽ صوبن وٽ رهڻ گهرجي، جڏهن پمز اسپتال ٺاهي وئي ان وقت آبادي 20 سيڪڙو گهٽ هئي، اڄ آبادي ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير مان وڏي انگ ۾ ماڻهو هتي علاج لاءِ ايندا آهن، پراڻي ايمرجنسي ۾ رڳو 36 بيڊن جي سهولت آهي، ساڍا  6 ارب روپين جي خرچ سان قائم نئين ايمرجنسي ۾ 177 بيڊ ۽ 4 آپريشن ٿيٽر آهن. اهڙو اظهار هن پمز اسپتال جي 200 بيڊن تي ٻڌل هڪ نئين شعبي ايڪسيڊنٽ اينڊ ايمرجنسي جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راڻا عمران سڪندر ۽ ٻين ٽيم ميمبرن وفاقي وزير کي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير چيو ته ارڙهين ترميم تحت صحت جا شعبا صوبن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن، صحت ۽ تعليم صوبن وٽ آهي ۽ صوبن وٽ رهڻ گهرجي، آباديءَ جي وزارت ۽ قومي نصاب وفاق وٽ آڻڻ جي تجويز تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ڪائونسلر ۽ چونڊيل نمائندن جو ڪم گهٽين ۽ پاڙن جي صفائي، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ مقامي صحت واري نظام کي بهتر ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان کي ٺوس بنيادن تي مقامي حڪومتن جو اهڙو نظام ٺاهڻو پوندو جيڪو بيمارين کان بچائي، هن چيو ته اسان کي بيمار ٿيڻ کان بچڻو آهي، احتياط علاج کان بهتر آهي. حڪومت اڪيلي سر ڪجهه نٿي ڪري سگهي. دنيا جي مهذب معاشرن ۾ ماڻهو بيمارين کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اهو منهنجو پنهنجو خيال ناهي پر ماهرن جي راءِ آهي. هن چيو ته اڄ اسان پرڏيهه وڃڻ لاءِ ويزائن جي لائن ۾ بيٺل هوندا آهيون، اهي قومون 500 سال اڳ اهو ڪم ڪري چڪيون آهن جيڪو اسان اڄ ڪري رهيا آهيون، لنڊن، نيويارڪ، شنگهائي هڪ ڏينهن به ميئر کانسواءِ نٿا هلي سگهن، هتي اهڙي فعال ۽ موثر نظام تي به ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.

مزید خبریں