بيجنگ-20 نومبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم ايندڙ جي – 20 سربراهي اجلاس ۾ جاپان جي هم منصب سان ملاقات نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزارت تصديق ڪئي آهي ته وزيراعظم لي چيانگ ايندڙ جي - 20 سربراهه اجلاس دوران جاپان جي هم منصب سانائي تاڪائيچي سان ملاقات نه ڪندو. ترجمان ماننگ چيو ته جاپان طرفان چين سان ڳالهين جي خواهش جي …
چين جي وزيراعظم پاران ايندڙ جي – 20 سربراهي اجلاس ۾ جاپان جي هم منصب سان ملاقات نه ڪرڻ جو فيصلو

مزید خبریں
بيجنگ-20 نومبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم ايندڙ جي – 20 سربراهي اجلاس ۾ جاپان جي هم منصب سان ملاقات نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزارت تصديق ڪئي آهي ته وزيراعظم لي چيانگ ايندڙ جي – 20 سربراهه اجلاس دوران جاپان جي هم منصب سانائي تاڪائيچي سان ملاقات نه ڪندو. ترجمان ماننگ چيو ته جاپان طرفان چين سان ڳالهين جي خواهش جي بار بار اظهار باوجود وزيراعظم لي چيانگ جي جاپاني اڳواڻ سان ملاقات جي ڪا به منصوبابندي نه آهي. هن جاپان جي حڪومت تي زور ڀريو ته ان معاملي ۾ محتاط رويو اختيار ڪري.






