ٻارن جو تحفظ ۽ خوشحال مستقبل اسان جي پهرين ترجيح آهي: سينيٽر روبينه خالد

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرمين سينيٽر روبينه خالد ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته ٻارن جو تحفظ ۽ خوشحال مستقبل اسان جي پهرين ترجيح آهي. پاڪستان جي هر ٻار کي تعليم، صحت ۽ برابري جا موقعا ڏيڻ بي آءِ ايس پي جو مشن آهي. هن چيو ته ٻارن تي سيڙپڪاري، قوم جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي، …

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرمين سينيٽر روبينه خالد ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته ٻارن جو تحفظ ۽ خوشحال مستقبل اسان جي پهرين ترجيح آهي. پاڪستان جي هر ٻار کي تعليم، صحت ۽ برابري جا موقعا ڏيڻ بي آءِ ايس پي جو مشن آهي. هن چيو ته ٻارن تي سيڙپڪاري، قوم جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي، ٻارن جو عالمي ڏينهن اسان کان ٻارن جي حقن جي تحفظ جو عهد گهري ٿو. سينيٽر روبينه خالد چيو ته غريب گهراڻن جي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ بي آءِ ايس پي فيصلائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نابالغ ٻارن تي تشدد، جبري پورهيو ۽ استحصال قبولڻ جوڳو ناهي، هن چيو ته ڪفالت پروگرام لکين ٻارن کي پڙهڻ، اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏئي رهيو آهي. هر ٻار محفوظ، تعليم يافته ۽ بااختيار هجي، اهو ئي اسان جو خواب آهي. هن چيو ته سوشل پروٽيڪشن کانسواءِ ٻارن جو مستقبل محفوظ نٿو ٿي سگهي، ٻارن جو عالمي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ٻارن جي حقن تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو.

مزید خبریں