ڍاڪا-20 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي پرڏيهي وزارت ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پون ڀڙي کي طلب ڪري فرار ٿي ويل اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه طرفان ڀارتي ميڊيا کي ڏنل چڙ ڏياريندڙ انٽرويو تي سخت احتجاج ڪيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڍاڪا جو چوڻ آهي ته ڀارتي حڪومت جي سهولتڪاري سان ٿيل ڄاڻايل انٽرويو بنگلاديش جي خودمختياري ۽ ملڪ ۾ جاري جمهوري عمل تي حملو آهي. بنگلاديش ۾ انسانيت خلاف …
بنگلاديش پاران شيخ حسينه جي چڙ ڏياريندڙ انٽرويو تي ڀارتي سفير طلب

مزید خبریں
ڍاڪا-20 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي پرڏيهي وزارت ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پون ڀڙي کي طلب ڪري فرار ٿي ويل اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه طرفان ڀارتي ميڊيا کي ڏنل چڙ ڏياريندڙ انٽرويو تي سخت احتجاج ڪيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڍاڪا جو چوڻ آهي ته ڀارتي حڪومت جي سهولتڪاري سان ٿيل ڄاڻايل انٽرويو بنگلاديش جي خودمختياري ۽ ملڪ ۾ جاري جمهوري عمل تي حملو آهي. بنگلاديش ۾ انسانيت خلاف ڏوهن تي موت جي سزا آيل شيخ حسينه هن وقت ڀارت ۾ لڪل آهي. کيس مودي حڪومت پناهه ڏني آهي. بنگلاديش جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڀارت نه رڳو هڪ ڏوهاري کي پناهه ڏني آهي پر ان کي چڙ ڏياريندڙ بيانن لاءِ پليٽ فارم به مهيا ڪري رهيو آهي. عملدارن جو چوڻ آهي ته ڀارت بنگلاديش مخالف بياني جي حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي ۽ بنگلاديش ۾ سياسي بدامني کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سفارتي ذريعن تصديق ڪئي ته ڍاڪا نئين دهلي تي زور ڀريو ته هو شيخ حسينه کي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان فوري طور تي روڪي. بنگلاديش جي پرڏيهي وزارت ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ڀارت طرفان چڙ ڏياريندڙ تبصرن جي سهولت سڌي ريت سياسي مداخلت آهي، جنهن سان ٻنهي پاڙيسرين وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي خطرو آهي. بنگلاديش عملدارن جو چوڻ آهي ته شيخ حسينه کي ميڊيا پليٽ فارم مهيا ڪرڻ پاڙيسري ملڪن جي سياست ۾ واضح مداخلت جو ثبوت آهي. تجزيه نگارن جو به چوڻ آهي ته خطي ۾ پنهنجي ناپاڪ منصوبن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ميڊيا ۽ فرار ٿي ويل اڳواڻن کي استعمال ڪرڻ ڀارت جي عادت بڻجي چڪي آهي.






