ٻارن جي تعليم، صحت، تحفظ ۽ ڀلائي رياست ۽ معاشري جي اولين ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ٻارن جي تعليم، صحت، تحفظ ۽ ڀلائي رياست ۽ معاشري جي اولين ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ٻار ڪنهن به قوم جو قيمتي سرمايو …

اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ٻارن جي تعليم، صحت، تحفظ ۽ ڀلائي رياست ۽ معاشري جي اولين ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ٻار ڪنهن به قوم جو قيمتي سرمايو ۽ روشن مستقبل جي اميد هوندا آهن. وقتي صدر چيو ته هڪومت ٻارن جي بهتر مستقبل جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي جن ۾ قانونسازي، اداراجاتي سڌارا ۽ پاليسي سطح تي اهم اڳڀرائي شامل آهي. هن چيو ته مختلف پارلياماني فورمز ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سيد يوسف رضا گيلاني ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته ٻارن جي تربيت هڪ گڏيل ذميواري آهي جنهن ۾ والدين، استادن، تعليمي ادارن ۽ سماج سڀني کي پنهنجو ڪردار موثر طور تي ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته محفوظ، تعليم يافته ۽ بااعتماد ٻار ئي پاڪستان جي مضبوط ۽ روشن مستقبل جي ضمانت آهن. وقتي صدر يقين ڏياريو ته رياست ٻارن جي حقن جي مڪمل تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکيا آهن ۽ ان حوالي سان ڪوششن ۾ وڌيڪ بهتري آندي پئي وڃي.

مزید خبریں