تهران-20 نومبر(اي پي پي) ايران ٻڙي سيڪڙو يورنيم رچاءَ بابت ڪنهن به معاهدي کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميديا موجب ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي واضح ڪيو آهي ته ايران ڪنهن به اهڙي معاهدي کي قبول نه ڪندو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ يورنيم رچاءُ زيرو تائين محدود ٿي وڃي. هن ان مطالبي کي ”قومي وقار ۽ فخر جي ابتڙ“ قرار ڏنو. هن چيو …
ايران پاران ٻڙي سيڪڙو يورينيم رچاءَ بابت ڪنهن به معاهدي کي رد ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
تهران-20 نومبر(اي پي پي) ايران ٻڙي سيڪڙو يورنيم رچاءَ بابت ڪنهن به معاهدي کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميديا موجب ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي واضح ڪيو آهي ته ايران ڪنهن به اهڙي معاهدي کي قبول نه ڪندو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ يورنيم رچاءُ زيرو تائين محدود ٿي وڃي. هن ان مطالبي کي ”قومي وقار ۽ فخر جي ابتڙ“ قرار ڏنو. هن چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ ٻڙي سيڪڙو يورينيم رچاءَ کي قبول نه ڪنداسين ڇو ته اهو معاملو هاڻي قومي غيرت ۽ سڃاڻپ جو حصو بڻجي چڪو آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ايران يورينيم رچاءَ جي حق کي محفوظ رکڻ لاءِ وڌي قيمت ادا ڪئي آهي ۽ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن. آءِ اي اي اي سان تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ايران رڳو ان ايٽمي ٺڪاڻن جي حوالي سان تعاون ڪري رهيو آهي جيڪو جون ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا پارن ڪيل حملن ۾ نشانو ناهي بڻيو.






