سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ اي آءِ اسٽريٽجڪ حصيداري تي صحيحيون

واشنگٽن / رياض-20 نومبر(اي پي پي)سعودي عرب ۽ آمريڪا مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري تي صحيحيون ڪيون آهن. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ۽ ان جي آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو صحيحيون ڪيون. پرڏيهي ميڊيا موجب جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ ان کي ٻه طرفن لاڳاپن جي نئين دور جو تاريخي قدم قرار ڏنو ويو. اهو معاهدو سعودي ولي عهد جي وائيٽ هائوس ۾ …

واشنگٽن / رياض-20 نومبر(اي پي پي)سعودي عرب ۽ آمريڪا مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري تي صحيحيون ڪيون آهن. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ۽ ان جي آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو صحيحيون ڪيون. پرڏيهي ميڊيا موجب جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ ان کي ٻه طرفن لاڳاپن جي نئين دور جو تاريخي قدم قرار ڏنو ويو. اهو معاهدو سعودي ولي عهد جي وائيٽ هائوس ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات جي موقعي تي ٿيو آهي. بيان موجب اهو معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ نئين دور جي شروعات آهي جنهن سان فني صلاحيت کي هٿي ملندي. مستقبل جي جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ٻنهي ملڪن جي اقتصادي خوشحالي ۾ به اضافي جو سبب هوندو. اسٽريٽجڪ حصيداري تحت جديد سيمي ڪنڊڪٽرز جي فراهمي، مصنوعي ذهانت جي ايپليڪيشنز جي ترقي، جديد مصنوعي ذهانت انفراسٽرڪچر ۽ قومي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ شامل آهي جنهن جي نتيجي ۾ پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو ۽ ٻنهي ملڪن لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جا نوان  دروازا کلندا. ڌرين صحت، توانائي، تعليم ۽ ٽرانسپورٽيشن جهڙن اهم شعبن ۾ مستقبل جي ٽيڪنالاجيز جي حوالي سان به شراڪتداري تي زور ڀريو جنهن سان سعودي عرب ۽ آمريڪي ڪمپنين جا اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.

مزید خبریں