ڍاڪا-20 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ نگران حڪومت جو نظام بحال ڪري ڇڏيو ۽ ان تي عملدرآمد جي ٽائيم لائين به طئي ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ جي اپيلٽ ڊويزن هڪ نئين فيصلي ذريعي نگران حڪومت جي نظام کي بحال ڪندي اعلان ڪيو آهي ته اهو نظام 14هين قومي پارلياماني چونڊن کان لاڳو هوندو. اهو فيصلو گذريل ڏينهن چيف جسٽس ڊاڪٽر سيد …
بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ نگران حڪومت جو نظام بحال ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
ڍاڪا-20 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ نگران حڪومت جو نظام بحال ڪري ڇڏيو ۽ ان تي عملدرآمد جي ٽائيم لائين به طئي ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ جي اپيلٽ ڊويزن هڪ نئين فيصلي ذريعي نگران حڪومت جي نظام کي بحال ڪندي اعلان ڪيو آهي ته اهو نظام 14هين قومي پارلياماني چونڊن کان لاڳو هوندو. اهو فيصلو گذريل ڏينهن چيف جسٽس ڊاڪٽر سيد رفعت احمد جي سربراهي ۾ اپيلٽ ڊويزن جي 7 رڪني بينچ 2011ع جي نظام کي ختم ڪرڻ جي فيصلي تي تفصيلي سياسي ۽ عدالتي نظرثاني کانپوءِ ٻڌايو. فيصلي ۾ نگران حڪومت جي نظام جي مرحليوار لاڳو جي وضاحت ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي نظام ملڪ ۾ ٿيندڙ آئنده چونڊن تي قائم نه ڪيو ويندو. ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته بنگلاديش ۾ ان کان اڳ 1996ع، 2001ع ۽ 2008ع ۾ قومي پارلياماني چونڊون نگران حڪومت جي نظام تحت ڪرايون ويون هيون جڏهن ته 1991ع جون قومي چونڊون سياسي اتفاق راءِ سان قائم ٿيل عبوري حڪومت تحت ٿيون هيون.






