ٽوڪيو-20 نومبر (اي پي پي)جاپان جي عوام پارليامينٽ آڏو احتجاج دوران وزيراعظم سنائي تڪائيچي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو تائيوان بابت پنهنجا غلط بيان واپس وٺي ۽ چين کان معافي گهري. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن سوين جاپاني شهرين جاپان جي پارليامينٽ آڏو عوامي احتجاج ڪيو. هنن جاپاني حڪومت طرفان آئين ۾ ترميمن جي مخالفت ڪئي ۽ سنائي تڪائيچي کان مطالبو ڪيو ته هو تائيوان بابت پنهنجا غلط بيان …
چين مخالف بيان تي جاپاني عوام جو وزيراعظم سنائي تڪائيچي خلاف احتجاجي مظاهرو

مزید خبریں
ٽوڪيو-20 نومبر (اي پي پي)جاپان جي عوام پارليامينٽ آڏو احتجاج دوران وزيراعظم سنائي تڪائيچي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو تائيوان بابت پنهنجا غلط بيان واپس وٺي ۽ چين کان معافي گهري. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن سوين جاپاني شهرين جاپان جي پارليامينٽ آڏو عوامي احتجاج ڪيو. هنن جاپاني حڪومت طرفان آئين ۾ ترميمن جي مخالفت ڪئي ۽ سنائي تڪائيچي کان مطالبو ڪيو ته هو تائيوان بابت پنهنجا غلط بيان واپس وٺي ۽ چين کان معافي گهري. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنائي تڪائيچي جا تائيوان بابت غلط بيان قانون ۽ تاريخي حقيقتن کي نظر انداز ڪندي علائقائي استحڪام ۽ پاڻ جاپان کي به نقصان پهچائي سگهن ٿا جنهن سان جاپاني عوام ۾ ڳڻتي پيدا ٿي آهي.






