بيلم-20 نومبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي ماحولياتي تبديلي بابت سربراهه سائمن اسٽئيل چيو آهي ته دنيا هڪ نازڪ موڙ تي بيٺي آهي ۽ ماحولياتي قدمن ۾ اڳڀرائي باوجود هاڻي فوري ۽ وڏي پيماني تي عملي قدمن جي ضرورت آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن اها ڳالهه بيلم ۾ جاري 30هين واري عالمي ماحولياتي ڪانفرنس (ڪوپ - 30 ) جي گلوبل ڪلائميٽ ايڪشن هاءِ ليول جي پڄاڻي اجلاس کي خطاب …
گڏيل قومن جي ماحولياتي تبديلي جي سربراهه پاران ڪوپ -30 ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار، وڌيڪ تيز رفتار قدمن جي اپيل

مزید خبریں
بيلم-20 نومبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي ماحولياتي تبديلي بابت سربراهه سائمن اسٽئيل چيو آهي ته دنيا هڪ نازڪ موڙ تي بيٺي آهي ۽ ماحولياتي قدمن ۾ اڳڀرائي باوجود هاڻي فوري ۽ وڏي پيماني تي عملي قدمن جي ضرورت آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن اها ڳالهه بيلم ۾ جاري 30هين واري عالمي ماحولياتي ڪانفرنس (ڪوپ – 30 ) جي گلوبل ڪلائميٽ ايڪشن هاءِ ليول جي پڄاڻي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي . هن چيو ته دنيا ڏسي رهي آهي ۽ چاهي ٿي ته ورهايل دنيا ۾ به موسمياتي سهڪار مضبوطي سان قائم رهي. هن ڪوپ – 30 ايڪشن ايجنڊا تحت حاصل ٿيندڙ اڳڀرائي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اها ايجنڊا دنيا کي حقيقي تبديلي طرف کڻي وڃي رهي آهي . هن ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ تجديد جوڳي توانائي، بجلي جي گرڊ اسٽيشنن جي بهتري ، پائيدار ٻارڻ جي پيداوار ۾ چوڻ تي اضافو ، سبز صنعتن جي قيام ۽ موسمياتي اڻبرابري جي منصوبن لاءِ فنڊنگ ۾ اضافي جهڙا قدم سامهون آيا آهن . سائمن اسٽيئل جو چوڻ هو ته ڪيترن ملڪن پنهنجي قومي ماحولياتي حڪمت عملين ۾ جامع ۽ گڏيل منصوبه بندي کي شامل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ، جيڪو ڪجهه سال پهريان تائين ناقابل تصور هو . هن خبردار ڪيو ته اهو وقت جشن ملهائڻ جو ناهي پر رفتار تيز ڪرڻ جو آهي. هن زور ڀريندي چيو ته هاڻي اسان کي اهڙا نتيجا فراهم ڪرڻا پوندا جيڪي ماڻهن، معيشتن ۽ زمين لاءِ حقيقي ۽ قابل پيمائش هجن . ڪوپ – 30 ايڪشن ايجنڊا تحت 30 ترجيحي هدف مقرر ڪيا ويا آهن جن ۾ توانائي، صنعت ، ٽرانسپورٽ ، ٻيلن ، سامونڊي ۽ حياتياتي نظام ، زراعت ۽ خوراڪ جي نظام جي بهتري شامل آهي ته جيئن دنيا کي گهٽ اخراج ۽ وڌيڪ لچڪدار مستقبل طرف وڌائي سگهجي . ڪانفرنس 10 نومبر تي شروع ٿي هئي ۽ 21 نومبر تائين جاري رهندي جڏهن ته ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن.











