برسلز-20 نومبر(اي پي پي)يورپي يونين چيو آهي ته غزه پٽي ۾ 03 هزار پوليس اهلڪارن کي تربيت ڏني ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب عهديدار پنهنجي سڃاڻپ ظاهر نه ڪرڻ جي درخواست تي چيو ته غزه ۾ استحڪام قائم رکڻ لاءِ وڏي پوليس فورس جي ضرورت هوندي. عهديدار موجب 7 هزار پوليس اهلڪار غزه ۾ فلسطيني اٿارٽي مان پگهارون حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته ان مان ڪجهه کي ريٽائرڊ ڪيو ويو …
يورپي يونين پاران غزه پٽي ۾ 03 هزار پوليس اهلڪارن کي تربيت ڏيڻ جو اعلان

مزید خبریں
برسلز-20 نومبر(اي پي پي)يورپي يونين چيو آهي ته غزه پٽي ۾ 03 هزار پوليس اهلڪارن کي تربيت ڏني ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب عهديدار پنهنجي سڃاڻپ ظاهر نه ڪرڻ جي درخواست تي چيو ته غزه ۾ استحڪام قائم رکڻ لاءِ وڏي پوليس فورس جي ضرورت هوندي. عهديدار موجب 7 هزار پوليس اهلڪار غزه ۾ فلسطيني اٿارٽي مان پگهارون حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته ان مان ڪجهه کي ريٽائرڊ ڪيو ويو آهي يا اهي ڪم ڪرڻ جي قابل ناهن. 03 هزار اهلڪار تربيت جي قابل آهن. يورپي يونين 2006ع کان اولهه ڪناري پوليس جي تربيت جي مشن جي فنڊگ ڪري رهي آهي. ان جي بجيٽ 1.3 ڪروڙ يورو(1.5 ڪروڙ ڊالرز آهي. يورپي يونين جا پرڏيهي وزير ان تجويز تي برسلز ۾ اجلاس تي غور ڪندا. ساڳئي ڏينهن فلسطين لاءِ عطيو ڏيندڙ ملڪن جي ڪانفرنس به برسلز ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ اٽڪل 60 وفد شريڪ ٿيندا. ان ۾ عرب ملڪ به شامل آهن پر اسرائيل جي شرڪت نه هوندي.











