اسلام آباد-20نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخواه ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج خلاف جاري ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستاني فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مُلڪ جو دفاع پوري عزم سان ڪري رهيا آهن. هن خيبر پختونخواه ۾ خميس ڏينهن 23 خوارج کي ختم ڪرڻ ۽ اربع …
صدر پاران خيبر پختونخواه ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج خلاف جاري ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-20نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخواه ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج خلاف جاري ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستاني فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مُلڪ جو دفاع پوري عزم سان ڪري رهيا آهن. هن خيبر پختونخواه ۾ خميس ڏينهن 23 خوارج کي ختم ڪرڻ ۽ اربع ڏينهن 4 دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز جي اثرائتي حڪمت عملي جي واکاڻ ڪئي. صدر ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگرد نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ پيشه وراڻي صلاحيت جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان جي سرزمين تان پرڏيهي پُٺڀرائي ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگردي جو مُڪمل خاتمو قومي اتفاق راءِ سان ڪيو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري چيو ته قوم شهيدن ۽ غازين جي قربانين کي سدائين ياد رکندي.











