وزيراعظم پاران ارشد نديم کي گولڊ ميڊل ۽ محمد ياسر کي سلور ميڊل کٽڻ تي مبارڪُون

اسلام آباد-20نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي يڪجهتي راندين ۾ پاڪستاني جيولن ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي ارشد نديم کي گولڊ ميڊل ۽ محمد ياسر کي سلور ميڊل کٽڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستاني جيولن رانديگر سڄي دنيا ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري …

اسلام آباد-20نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي يڪجهتي راندين ۾ پاڪستاني جيولن ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي ارشد نديم کي گولڊ ميڊل ۽ محمد ياسر کي سلور ميڊل کٽڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستاني جيولن رانديگر سڄي دنيا ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. ارشد نديم ۽ محمد ياسر وڏي محنت ۽ مهارت سان اسلامي يڪجهتي راندين ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. وزيراعظم چيو ته رانديگرن ۽ انهن جي ڪوچز جي محنت سان ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ٿيو آهي. وزيراعظم مختلف فارميٽس ۾ رانديگرن جي شاندار ڪارڪردگي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو ته نوجوانن کي بهترين راندين جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي.

مزید خبریں