اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان سريلنڪا جي نوجوانن جي معاملن ۽ راندين بابت نائب وزير جي ملاقات

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان سريلنڪا جي نوجوانن جي معاملن ۽ راندين بابت نائب وزير سوگٿ ٿلاڪراٿني ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سريلنڪن هاءِ ڪمشنر ريئر ايڊمرل فريڊ سينويراٿني، ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ڪرسٽي روبن ۽ منسٽر قونصلر (دفاع) برگيڊيئر جي اي ڪي آر گنارٿني پڻ ساڻس گڏ هئا. ملاقات ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ، راندين ۾ گڏيل تعاون ۽ ٻطرفي …

اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان سريلنڪا جي نوجوانن جي معاملن ۽ راندين بابت نائب وزير سوگٿ ٿلاڪراٿني ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سريلنڪن هاءِ ڪمشنر ريئر ايڊمرل فريڊ سينويراٿني، ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ڪرسٽي روبن ۽ منسٽر قونصلر (دفاع) برگيڊيئر جي اي ڪي آر گنارٿني پڻ ساڻس گڏ هئا. ملاقات ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ، راندين ۾ گڏيل تعاون ۽ ٻطرفي لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن راندين کي ماڻهن جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جو هڪ مؤثر ذريعو قرار ڏيندي هن شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جا لاڳاپا اعتماد، احترام ۽ گڏيل قدرن تي ٻڌل آهن. راندين جي ميدان ۾ تعاون نه رڳو نوجوان نسل کي ويجهو آڻي ٿو پر ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿو. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ راندين جي سفارتڪاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير راندين ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي سريلنڪا جي حڪومت ۽ قيادت جا ٿورا مڃيندي چيو ته سريلنڪن پارليامينٽ جي بجيٽ سيشن جي باوجود، سريلنڪن نائب وزير جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پُراڻن دوستاڻن ۽ بااعتماد لاڳاپن جو واضح ثبوت آهي، اميد آهي ته هي دورو ٻطرفي لاڳاپن خاص طور تي راندين ۽ نوجوانن جي شعبن ۾نوان رستا کوليندو. سريلنڪا جي وفد ٽه مُلڪي سيريز لاءِ گهرو وزير محسن نقوي پاران ڪيل شاندار انتظامن کي ساراهيو. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف اربع ڏينهن ٽه مُلڪي سيريز کيڏندڙ ٽيمن جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم ۽ سريلنڪن حڪومت جا ٿورا ادا ڪيا هُئا. سريلنڪن وفد پاڪستان جي ميزباني جي اعليٰ معيار ۽ راندين جي سفارتڪاري کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ساراهيو. سريلنڪا جو وفد پاڪستان ۾ منعقد ٿيندڙ ٽه مُلڪي سيريز جا ميچز پڻ ڏسندو.

مزید خبریں