صدر آصف علي زرداري پاران اومان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي اومان جي سلطان ۽ عوام کي مبارڪُون

اسلام آباد - 20نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اومان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي اومان جي سلطان ۽ عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستا ۽ اومان جي وچ ۾ ويجها، پراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا گڏيل احترام، ثقافتي هم آهنگي ۽ دوستي جي بنياد تي قائم آهن ۽ هر گذرندڙ سال وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. ڪالهه اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ …

اسلام آباد – 20نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اومان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي اومان جي سلطان ۽ عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستا ۽ اومان جي وچ ۾ ويجها، پراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا گڏيل احترام، ثقافتي هم آهنگي ۽ دوستي جي بنياد تي قائم آهن ۽ هر گذرندڙ سال وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. ڪالهه اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته اومان جو قومي ڏينهن سلطان جي دانشمنداڻي قيادت ۾ ٿيندڙ شاندار ترقي ۽ مسلسل اڳڀرائي جو جشن ملهائڻ جو بهترين موقعو آهي. هن چيو ته پاڪستان سلطنتِ اومان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ان کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اومان ۾ رهندڙ متحرڪ پاڪستاني ڪميونٽي سلطنت جي معيشت جو هڪ اهم حصو آهي ۽ انهن کي فراهم ڪئي ويندڙ سرڪاري سرپرستي ۽ تعاون ساراهه جوڳو آهي. صدر ان سلسلي ۾ اوماني قيادت جي حمايت کي خصوصي طور تي ساراهيو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ ڀائيچاري، حصيداري ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن اومان جي سلطان جي صحت، خوشي ۽ سلطنتِ اومان جي عوام جي مسلسل ترقي ۽ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں